گهاري ۾ جبري کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ ڌرڻو جاري، رياض چانڊيو پهتو

گهارو (ن ع آ) گهاري ۾ 20 ڏينهن کان جبري طور کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو جاري، جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض علي چانڊيو جبري طور کنڀي گم ڪيل رياض ناھيون جي بازيابي لاءِ نيشنل ھاءِ وي تي جاري ڌرڻي ۾ پھتو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ملڪ ۾ لاقانونيت آھي سياسي ڪارڪن توڙي عام شھري غير محفوظ آھن، ڌاڙيلن چورن ۽ منشيات فروشن کي تـ سرڪار نٿي کڻي جڏھن تـ سنڌ جي ماڻھن کي روز جبري طور کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو بنا وقفي جاري آھي، رياض ناھيون کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن مٿس ڪو ڪيس آھي تـ کيس عدالت ۾ ڇو پيش نٿو ڪيو وڃي، معشيت برباد ٿي چڪي آھي امن امان نالي ڪا شيءِ ناھي روڊ رستا ڌاڙيلن اغوا ڪراچي جي گادي واري شھر کان وٺي ٺٽي توڙي سڄي سنڌ ۾ عدم تحفظ ۽ غير يقيني آھي ڏوھاري ڦورو ۽ اسٽريٽ ڏوهاري ڦرلٽ پيا ڪن ۽ انساني جانين سان کيڏن پيا، صحافي ٽارگيٽ ڪيا پيا وڃن، سول سوسائٽي جا ماڻھو کڄن پيا، سنڌ جا پرامن ڳوٺ غنڊا راڄ برپا ڪندڙن توڙي ڏوھاري مافيا جي حوالي ڪيا ويا آھن،  18 سالن کان جھموريت جو ڪوڙو نعرو ھڻندڙن ڪرپشن کي ته هٿي ڏنو آھي پر امن ترقي خوشحالي ۽ جياپو تباھ ٿي چڪو آھي پرامن ماڻھو عتاب ھيٺ پيا زندگي گذارين ڌاڙيل منشيات خور ۽ لينڊ گريبر محفوظ آھن باقي سڄي خلق عدم تحفظ جو شڪار آھي ھتي ڪا بـ جھموريت ناھي مارشلائي نظام نافذ ٿيل آھي انساني حقن جون پاماليون عروج تي آھن، جبري گمشدگيون ڀٽي مرحوم جي دور جنرل مشرف جي ايام کان وٺي ھيستائين بنا وقفي جاري آھن سنڌين ۾ خوف پيدا ڪرڻ لاء ماڻھو گم ڪرايا پيا وڃن ٻين کي نشانو ڪري ماريو پيو وڃي ھن ظلم جي خلاف سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين سول سوسائٽي ۽ عوام دوست ڌرين کي گڏ ٿيڻو پوندو، ھن چيو ته رياض ناھيو جي وارثن سان گڏ آھيون جيئي سنڌ محاذ عملي طور ساڻن بيٺل آھي انساني حق بحال ڪيا وڄن جبري خور کنيل سمورا ماڻھو آزاد ڪيا وڃن، ان موقعي تي مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي، الاھي بخش چاچڙ، نظير شيخ، شير دين شيخ، لطيف ناھيون، جاويد ناھيون، سھيل چانڊيو ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.