ڏهرڪي ويجهو کروهي واري علائقي ۾ پنج عورتن کي ڪارو قرار ڏئي انهن تي جرڳا ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ جڏهن پوليس جرڳائي وڏيرن خلاف ڪيس داخل ڪيو، تڏهن ظاهري طور تي لڳو ڄڻ ته قانون پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي، پر حقيقت ۾ اهو عمل به رڳو هڪ رسمي قدم آهي. ڇو ته جيڪي عورتون الزام هيٺ آيون، انهن جو چوڻ آهي ته جن ماڻهن تي ڪيس داخل ٿيو آهي، اهي اصل جرڳائي ناهن، اصلي وڏيرا اڃا به آزاديءَ سان پنهنجي گهرن ۾ ويٺل آهن. اهو اعتراف هن نظام تي هڪ وڏو سوال اٿاري ٿو، ته آخر اهي بااثر ماڻهو ڪير آهن، جيڪي پنهنجي طاقت سان نه صرف انساني زندگيون ختم ڪن ٿا پر قانون لاڳو ادارن کي به پنهنجي مرضيءَ سان ڪم ڪرائين ٿا؟ عورتن جي اهو چوڻ ته ” جيڪڏهن سندن نالا کڻنديون سين ته اهي وڏيرا اسان کي قتل ڪرائي ڇڏيندا“ ان قبيلائي نظام کي وائکو ڪري ٿو، جتي وڏيرن جي مرضيءَ خلاف ڳالهائڻ خودڪشي جي برابر آهي. ان سلسلي ۾ ناديه شر سڄي معاملي کي بي نقاب ڪري ٿي. هن مٿان ڪاروڪاري جو الزام لڳڻ بعد سندس مڙس واجد شر نه رڳو کيس گهران ڪڍي ڇڏيو، پر سندن هڪ سال جي پٽ کي به الڳ ڪري ورتو. اها نه فقط هڪ ماءُ کان ٻار کسي وٺڻ جي ڪهاڻي آهي، پر ان قبيلائي ذهنيت جي به عڪاسي ڪري ٿي، جتي عورت جي عزت، سندس ماءُ هجڻ يا سندس حقن جي ڪا به قيمت ناهي. اڄ به سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ عورت کي مرد جي ملڪيت سمجهيو وڃي ٿو.
عاصمه شر صحافين کي ٻڌايو ته ”شاديءَ جي هڪ سال بعد مونکي الزام هيٺ گهران ڪڍي جرڳو ڪيو ويو،“ شادي، جيڪا محبت، ڀروسو ۽ احترام جو ناتو هجڻ گهرجي، اتي اها عورت لاءِ سزا بڻجي وڃي ٿي. جرڳائي فتويٰ موجب اهي عورتون هاڻي پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ شادي نٿيون ڪري سگهن ۽ جيڪڏهن ڪن، ته انهن کي قتل ٿيڻ جو خطرو آهي. اهو نظام ڪهڙي قسم جي تهذيب جي نمائندگي ڪري ٿو، جتي هڪ عورت جي زندگيءَ، مستقبل ۽ عزت جا فيصلا انهن ماڻهن جي هٿ ۾ آهن، جيڪي ڪڌ ذهن، عورت دشمن ۽ انتها درجي جا جاهل آهن. هن ڪيس ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪجهه ماڻهن، خاص طور قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر لطف ميان شر تي به جرڳا ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي، پر لطف ميان شر جو چوڻ آهي ته اهي الزام ڪوڙا آهن ۽ اصل ۾ وڏيرا کيس بدنام ڪرڻ لاءِ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ آيل عورت فرزانه شر جي والدين کي پئسا ڏئي ورغلائي رهيا آهن. جيڪڏهن لطف ميان شر جي ڳالهه ۾ سچائي آهي، ته پوءِ اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هي رڳو جرڳن جو نه پر سياسي انتقامن جو به ميدان بڻجي ويو آهي، جتي ڪو به ماڻهو، جيڪو وڏيرن جي اختيار کي چئلينج ڪري ٿو، ان کي الزام يا ڪيس جي ذريعي خاموش ڪرايو وڃي ٿو. هن ڳالهه مان اها حقيقت واضح ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ جرڳن جو ڪلچر رڳو روايت نه رهيو آهي، پر اهو سياسي هٿيار بڻجي چڪو آهي، جنهن سان مخالفن کي دٻايو ۽ عورتن کي ذليل ڪيو وڃي ٿو.
جرڳا، جيڪي اصل ۾ سماجي تڪرار حل ڪرڻ جو هڪ روايتي طريقو هئا، اڄ ظلم جي علامت بڻجي چڪا آهن. انهن جرڳن ۾ انصاف نه پر انتقام ورتو ويندو آهي حيرت جي ڳالهه اها آهي ته حڪومت اهڙن جرڳن تي پابندي لڳائڻ باوجود به انهن کي ختم نه ڪري سگهي آهي. پوليس جي ڪاروايون به رڳو تاثر ڏيڻ تائين محدود آهن. گهوٽڪي جهڙن علائقن ۾ وڏيرا ايترو ته بااثر آهن، جو پوليس به سندن مرضيءَ خلاف قدم کڻڻ کان ڪيٻائي ٿي. اهو الميو آهي ته سنڌ، جيڪا لطيف سائين جي ڌرتي آهي، جتي عورت کي ”سورمين“ جو درجو ڏنو ويو، اتي اڄ به عورت پنهنجي بنيادي انساني حقن کان گهڻي ڀاڱي محروم آهي.
قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو فرض آهي ته اهي صرف ڪيس داخل ڪرڻ تائين محدود نه رهن، پر انهن بااثر وڏيرن تائين پهچن جيڪي جرڳن جي حمايت ڪن ٿا. انهن عورتن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن، ڇو ته جڏهن هڪ عورت ڊڄي اهو چوي ٿي ته ”نالو کڻنديس ته قتل ٿي وينديس.“ ته ان جو مطلب آهي ته عورتون عدم تحفظ ۽ خوف جو شڪار آهن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ۾ انساني حقن جي تنظيمن ۽ ميڊيا کي پڻ پنهنجو ڪردار وڌيڪ فعال بڻائڻ گهرجي. ڇو ته جيڪڏهن اهي عورتون اڄ ميڊيا آڏو نه اچن ها، ته شايد انهن جي آواز کي به روايتي خاموشيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيو وڃي ها.
جيستائين سماج عورت کي برابر جو انسان نه سمجهندو، ۽ جيستائين قانون طاقتورن کان مصلحت نه ڇڏيندو، تيستائين اهڙا جرڳا جاري رهندا ۽ اهڙيون عورتون انصاف کان محروم رهنديون. گهوٽڪي جي کروهي ۾ جيڪو آواز اٿيو آهي، اهو خاموش نه ٿيڻ گهرجي ۽ سنڌ جي ساڃاهه وندن کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن عورتن کي پنهنجائپ جو احساس ٿئي ۽ جرڳائي وڏيرن کي لغام اچي سگهجي. ڇو ته جتي عورت خوف کان آزاد هوندي، اتي ئي سماج ۾ انسانيت جي خوشبو پيدا ٿيندي آهي ۽ اڄ سنڌ کي ان مهڪ جي سخت ضرورت آهي.