تعليم جو مقصد رڳو نصابي سرگرمين تائين محدود نه هوندو آهي، پر ان جو اصل مقصد ٻارن جي شخصيت، تخليقي صلاحيت ۽ انساني احساسن کي جاڳائڻ پڻ آهي. دنيا جا جديد تعليمي نظام موسيقي ۽ فنون لطيفه کي نصاب جو لازمي حصو بڻائيندا آهن ڇو ته موسيقي ٻارن جي سوچ کي نکاريندي آهي، سندن ذهني توازن کي بهتر بڻائيندي آهي ۽ سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏيندي آهي پوءِ به اهو چيو ويندو آهي ته موسيقي روح جي غذا ٿيندي آهي
اسان جي اسڪولن ۾ به موسيقي جا استاد مقرر ڪرڻ جو حڪومتي فيصلو هڪ خوش آئند قدم هو. پر افسوس، اهو عمل مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي قانوني پيچيدگين ۽ انتظامي سستي جو شڪار ٿي ويو آهي. جيڪي فنڪار موسيقي جا استاد طور چونڊيا ويا، کين نوڪريءَ جا آفر ليٽرز ملڻ باوجود به انهن کي عملي طور تي مايوسي ملي آهي بلڪه ڪجهھ ڏينهن پهريان ڪجھه اهڙين احتجاج ڪندڙ استادن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو اهڙي محرومي رڳو فرد جي نه پر سڄي سماج جي تخليقي مستقبل جي محرومي آهي.
جيڪڏهن حڪومت موسيقي جي اهميت کي سمجهي ها، ته اپائنٽمينٽ کان اڳ سڀ قانوني لوازمات وقت سر مڪمل ڪري ها. پر هاڻي جڏهن ڪورٽ حڪومتي عمل کي قانوني بنيادن تي رد ڪيو آهي، تڏهن حڪومت تي ذميديداري وڌيڪ وڌي وئي آهي. هاڻي سائين سردار شاه تعليم منسٽر تي لازم آهي ته هو حڪومتي سطح تي اعليٰ عدالتن ڏانهن رجوع ڪري، پنهنجو موقف مضبوطي سان پيش ڪري ۽ اسٽي آرڊر وٺي اپائنٽمنٽ آرڊرز اشو ڪرائي يا وري نئين سر سمورا مرحلا مڪمل ڪري ميوزڪ استادن کي ٻيهر مقرر ڪرائڻ جون راھ هموار ڪري انهن جو مستقبل محفوظ ڪن ڇو ته فنڪارن سان اهڙي تذليل جوڳي روش نه صرف انتهائي نامناسب آهي پر سندن حيثيت جي به تذليل آهي.
فنڪارن جو ڪم موسيقي کي اڳتي وڌائڻ هوندو آهي، عدالتن جا در کڙڪائڻ سندن ذميواري نه هجڻ گهرجي. حڪومت کي گهرجي ته پاڻ سپريم ڪورٽ ۾ وڃي، پنهنجي ماضي واري ڪيل فيصلن جو دفاع ڪري ۽ موسيقي جي استادن جي مستقبل کي يقيني بڻائي. ٻي صورت ۾ اهو خدشو يقين ۾ بدلجي ويندو ته حڪومت فنڪارن سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي.
فنڪار سماج جي روح جا ترجمان ٿيندا آهن. سندن عزت، روزگار ۽ ڪردار کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جي بنيادي ذميواري هئڻ گهرجي. موسيقي جا استاد رڳو روزگار لاءِ نه پر ايندڙ نسلن جي تخليقي دنيا کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجي خدمتون ڏيڻ چاهين ٿا. وقت جو سڏ آهي ته حڪومت پنهنجو وعدو وفا ڪري، ۽ موسيقي کي اسڪولن ۾ رڳو هڪ شوق نه پر مستقبل جي معمار طور تسليم ڪرڻ واري پنھنجي ئي قدم کي منزل تي پھچائي.