گرين پاڪستان جي نالي تي ڦرلٽ برداشت نه ڪنداسين:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر)  قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجو سان سنڌ يونيورسٽي جي مختلف ڊپارٽمينٽ جي 20 کان مٿي شاگردن لا آفيس 52 المصطفيٰ پرنس ٽائون قاسم آباد حيدرآباد ۾ ملاقات ڪري سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو ته شاگرد ملڪ ۽ سنڌ جو سرمايو آهن پڙھائي سان گڏ سياست ضروري آهي، نصابي تعليم سان گڏ سياسي ادب به پڙهڻ گهرجي، هن چيو ته  گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ادارن ۽ وفاق جي حوالي ڪرڻ واري عمل تي سنڌ جو عوام خاموش نه ويهندو، پيپلز پارٽي 27 آئيني ترميم ذريعي سنڌ جو بندرگاھ درياھ، زمينون، ٻيٽ معدنيات، جبل، ۽ وسيلا وفاق حوالي ڪري سنڌ جي ست ڪروڙ عوام جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿي، ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺيان زمين ڪڍڻ وارو عمل برداشت نه ڪيو ويندو، ٿر مان اربين روپين جو ڪوئلو نڪتو آھي پر ٿر جي عوام جي ڪا به زندگي تبديل ناھي ٿي جيڪي منصوبا سنڌ جي عوام لاءِ ناھن، سنڌ  جي ماڻهن جي خوشحالي، روزگار ۽ مالڪي جي حقن سان مشروط ناھن، اھي قبول ناهي، اياز لطيف پليجو چيو ته فصلن جا ھٿرادو اگھ ڪيرائڻ سان سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي. سنڌ حڪومت جون پاليسيون زرعي سڌارن ۽ معاشي سڌارن واريون ناھن، سنڌ جا ماڻھو بنيادي انساني سھولتن کان محروم آھن، روڊ رستا ناھن شھرن توڙي ٻهراڙين ۾ اھڙا علائقا آھن جن کي بجلي، گئس، تعليم ۽ صحت جي سھولت ناھي، اياز لطيف پليجي چيو ته مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، غربت انتھا کي پھچي وئي آھي. ھڪ طرف ملڪ سياسي ۽ معاشي بحرانن ۾ جڪڙيو پيو آھي ته ٻئي طرف سنڌ دشمن منصوبا جوڙي سنڌ کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.