ڦاهي جي سزا سان ڏوهن جو خاتمو نه ٿو اچي، ٻيو قانون آندو وڃي:هيومن رائيٽس ڪميشن

حيدرآباد(رپورٽر) انساني حقن جي تنظيم هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي اڳواڻن. وڪيلن. صحافين ۽ عورت اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ مان ڦاهي واري سزا جي قانون کي ختم ڪيو وڃي. ڦاهي واري قانون جي ڪري ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم کي ڦاهي ڏئي ان جو عدالتي قتل ڪيو ويو هن وقت به پاڪستان ۾ ڦاهي جي سزا هيٺ لڳ ڀڳ 4 هزار ماڻهو پيل آهن. ڪالهه ڦاهي جي عالمي ڏينهن واري موقعي تي ايڇ آر سي پي پاران حيدرآباد جي ريجنل آفيس ۾ فڪري  ويهڪ ٿي. جنهن کان پوءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو ويو. فڪري ويهڪ ۾ ايڇ آر سي پي جي ريجنل ڪوآڊينيٽر غفرانه آرئين,  وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ حسين مسرت شاهه, پروگرام ايڊوائيزر پروفيسر امداد چانڊيو, ڪائونسل ميمبر  پشپا ڪماري, سينيئر صحافي اقبال, طالب جکرو, ايڊوڪيٽ ارشاد احمد چني, اشوڪ, ايڊووڪيٽ عسفا عثمان, ايڊووڪيٽ عروج فاطمه,  هاري اڳواڻ قادر بخش, نور خان ۽ فيصل ڏاهري شرڪت ڪئي. ان موقعي ريجنل ڪوآڊينيٽر غفرانه آرائين چيو ته ڦاسي واري سزا ڏوهن ۾ خاتمو نٿي آڻي سگهي ان سان بيگناهه ماڻهو به موت جي ورچڙهي وڃن ٿا. ڦاسي جي سزا وارو قانون ختم ٿيڻ گهرجي. پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته موت جي سزا ڏوهن جي خاتمي جو حل ناهي. ڦاسي جي سزا کي ختم ڪري ڪو ٻيو قانون جوڙيو وڃي جنهن لاءِ انصاف جون مڪمل گهرجون پوريون ڪجن. خيال رکيو وڃي ته ڪنهن بيگناهه کي ڪا سزا نه اچي وڃي. اڳواڻن چيو ته جيستائين سچ ڪوڙ جي خبر پوي ٿي تيستائين عدالتي قتل ٿي وڃي ٿو مرڻ کان پوءِ ڪنهن کي بيگناهه قرار ڏيڻ انصاف ناهي. بنا دير قانون ۾ تبديلي آڻي ڦاسي واري سزا جو قانون ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.