جعفر آباد (م ڊ) جعفرآباد ۾ ڊيره الهيار بائي پاس تي ڌماڪو، 12 ورهين جو ٻارڙو مارجي ويو، ٻيو زخمي ٿي پيو، ڊيرا الهيار بائي پاس زيرو پوائنٽ تي زور دار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ورهين جو ٻارڙو مارجي ويو، جڏهن ته ٻيو ٻار زخمي ٿيو ، پوليس موجب ٻئي ٻار بائي پاس تي مزدوري ڪري رهيا هئا، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، زخمي ٻار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڌماڪي جي نوعيت معلوم ڪرڻ لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.