واشنگٽن (ويب ديسڪ) وائيٽ هائوس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نظرانداز ڪري امن جو نوبيل انعام وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ ماريا ڪورينا ماچادو کي ڏيڻ تي ناروي جي نوبيل ڪميٽي تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، وائيٽ هائوس جي ڊائريڪٽر آف ڪميونيڪيشنز اسٽيون چيئونگ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو آهي ته”نوبيل ڪميٽي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اها امن تي نه پر سياست تي يقين رکي ٿي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”صدر ٽرمپ امن جا معاهدا ڪندو رهيو، جنگون ختم ڪرايون ۽ زندگيون بچائيندو رهيو، سندس دل ۾ انسانيت جو حقيقي احساس آهي ۽ دنيا ۾ ڪو به اهڙو شخص ناهي جيڪو پنهنجي ارادي سان جبل جهڪائي سگهي.“
واضح رهي ته جنوري ۾ ٻيهر صدر چونڊجڻ کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ مختلف موقعن تي اهو اصرار ڪيو آهي ته مختلف تڪرارن جي حل ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سبب کيس نوبيل امن انعام ملڻ گهرجي، جڏهن ته مبصر سندس دعوائن وڌاءُ قرار ڏين ٿا.
امن انعام جي اعلان کان هڪ ڏينهن اڳ ٽرمپ چيو هو ته غزا ۾ جنگبندي جي پهرئين مرحلي واري معاهدي ۾ سندس ڪردار سبب اها اٺين جنگ آهي، جيڪا هن ختم ڪرائي آهي.
بهرحال هن وڌيڪ چيو ته ”هو جيڪو وڻي ڪن ٺيڪ آهي، پر مون کي خبر آهي ته مون اهو نوبيل انعام لاءِ ناهي ڪيو، مون اِهو ان ڪري ڪيو جو مون ڪيترين ئي زندگين کي بچايو آهي.“
ان کان اڳ نوبيل انعام تي گهري نظر رکندڙ تجزيي نگارن جو چوڻ هو ته ٽرمپ کي انعام ملڻ جو ڪو به امڪان ناهي، ڇاڪاڻ ته سندس”آمريڪا پهرين“ واري پاليسي نوبيل امن انعام جي باني الفريڊ نوبيل جي 1895ع جي وصيت ۾ بيان ڪيل امن جي اصولن جي ابتڙ آهي.
صدر ٽرمپ اڃا تائين نوبيل ڪميٽي جي فيصلي تي ڪو تبصرو ناهي ڪيو، پر جمعي جي صبح هن پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽروٿ سوشل ٽي وڊيوز پوسٽ ڪيون، جن ۾ سندس حامي غزا معاهدي جو جشن ملهائي رهيا آهن.
ٽرمپ جبل جُهڪائي ڇڏيا، جنگون ختم ڪرايون، نوبيل ڪميٽي وارن ”امن“ بدران ”سياست“ کي ترجيح ڏني: وائيٽ هائوس
You might also like