نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي جمعي ڏينهن نئين دهلي ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ايران ۾ موجود چابهار بندرگاهه هڪ بهترين واپاري رستو آهي ۽ ڀارت ۽ افغانستان کي گڏجي موجود تمام رنڊڪون ختم ڪرڻ گهرجن.
هن چيو ته آمريڪي پابندين جي ڪري ڪجهه مسئلا آهن، تنهنڪري ٻنهي ملڪن کي گڏجي هن معاملي تي ڳالهه ڪرڻي پوندي.
متقي چيو ته هي رستو ٻنهي ملڪن لاءِ گهڻو اهم آهي. اسان جي واپار ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ اسان کي سڀ واپاري رستا کليل رکڻا پوندا، ٻي صورت ۾ ان جو سڌو اثر ڀارت-افغانستان واپار تي پوندو.
هن اِها به دعويٰ ڪئي ته افغانستان جي هڪ انچ زمين به ڪنهن ٻئي جي ڪنٽرول ۾ ناهي.
هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران هڙني تنظيمن کي ختم ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هر ملڪ پنهنجي ملڪ ۾ اهو امن آڻي، جيڪو اسان آندو آهي ته پوري دنيا پرامن ٿي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ گذريل اٺ مهينن دوران ڪو به وڏو واقعو ناهي ٿيو ۽ اسان جي ملڪ ”ڪنهن ٻئي کي ڪو نقصان نه پهچايو آهي.“
You might also like