محمد صلاح مصر کي فيفا ورلڊ ڪپ ۾ 2026 ۾ پهچائي ڇڏيو

قاهرا(ويب ڊيسڪ) محمد صلاح مصر کي فيفا ورلڊڪپ 2026 تائين پهچائي ڇڏيو.
مصري ٽيم جي ميگا ايونٽ ۾ پنجون ڀيرو شرڪت ڪندي، جڏهن ته ڪواليفائينگ رائونڊ ۾ محمد صلاح جا 9 گول فيصلائتي ثابت ٿيا.
گذريل ڏينهن ڪاسابلانڪا ۾ مصر، جبوٽي کي 0–3 سان شڪست ڏني، جنهن مان 2 گول مصري ڪپتان محمد صلاح اسڪور ڪيا.
واضح رهي ته فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ 2026 اآمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪئناڊا ۾ شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.