خڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني جبل چاڙهو اسد علي ميمڻ تاريخي ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو.
اسد علي ميمڻ ستن ئي کندن جون بلند ترين چوٽيون سر ڪارڻ وارو سفر مڪمل ڪري ورتو
اسد علي ميمڻ ”سِون سمٽ“ جو سفر انڊونيشيا ۾ اوشيانا جي بلند ترين چوٽي پونچڪ جايا کي سر ڪري مڪمل ڪيو.
اسد علي ميمڻ 2019ع ۾ يورپ جي مائونٽ البرس، 2020ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جي مائونٽ اڪونڪاگوا، 2021ع ۾ آفريقا جي مائونٽ ڪليمنجارو ۽ 2022ع ۾ اتر آمريڪا جي مائونٽ ڊينالي جي چوٽي سر ڪئي هئي.
اسد علي ميمڻ 2023ع ۾ ايشيا ۽ دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايورسٽ تي به جهنڊو کوڙيو هو.
ياد رهي ته هن هلندڙ سال جي شروعات ۾ اينٽارڪٽڪا جي ماؤنٽ ونسن چوٽي تي به سبز هلالي پرچم لهرايو هو.
You might also like