ڪراچي مان اغوا ٿيل نينگري ڪوئيٽه مان هٿ اچي وئي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي سول لائين هجرات ڪالوني مان اغوا ٿيل 4 سالن جي نينگري ڪوئيٽه مان هٿ اچي وئي آهي، جڏهن ته  ٻارڙي جي والد تصديق ڪئي آهي ته نينگري هن وقت اسان وٽ آهي، پوليس موجب 4  سالن جي مائره 25 آگسٽ تي گهر ٻاهران لاپتا ٿي وئي هئي، جنهن جو اغوا ڪيس 26 آگسٽ تي والد جي درخواست تي داخل ڪيو ويو، پوليس مطابق ڪوئيٽه جي هڪ شهري سوشل ميڊيا تي خبر ڏسي ٻارڙي جي وارثن سان رابطو ڪيو، نينگري حب چوڪي ۾ هڪ عورت کي لاوارث حالت  ۾ ملي هئي، جيڪا شادي ۾ شرڪت لاءِ ٻارڙي سان گڏ ڪوئيٽه وئي هئي، ٻارڙي جي والد ٻڌايو ته هو اي وي سي سي پوليس سان گڏ ڪوئيٽه پهتا ۽ نينگري سندن حوالي ڪئي وئي.

پاڪستان ۽ سعودي وچ ۾ بدعنواني جي خاتمي جو معاهدو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾  بدعنواني جي خاتمي جي سلسلي ۾ هڪ تاريخي معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جدا ۾ ٿيل تقريب ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون، معاهدو بدعنواني، مني لانڊرنگ ۽ غير قانوني اثاثن جي واپسي سان لاڳاپيل آهي، قومي احتساب بيورو (نيب) ۽ سعودي اداري نزاهه جي وچ ۾ معلومات جي مٽاسٽا ۽ باهمي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو، /ڏسو صفحو 7 ڪالم 1

مفاهمتي يادداشت کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قانوني سهڪار جي فروغ ۾ سنگِ ميل قرار ڏنو پيو وڃي، نزاهه جي صدر مزين الڪحموس نيب جي بدعنواني جي خاتمي بابت ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان جون بدعنواني خلاف سڌارا موثر ۽ قابلِ تقليد آهن، نيب موجب اڃا تائين انسدادِ بدعنواني سڌارن جي نتيجي ۾ 6.4 ٽريلين رپين جي ريڪوري ڪئي وئي آهي، چيئرمين نيب نذير احمد سعودي قيادت جي انسدادِ بدعنواني قدمن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته هن معاهدي سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.