علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ کان پوءِ ڪي پي ۾ اپوزيشن سرگرم

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ کان پوءِ اپوزيشن جماعتون سياسي طور متحرڪ ٿي ويون، ذريعن موجب اپوزيشن پارٽين پنهنجن ميمبرن کي پشاور ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، جتي نئين وزيراعليٰ جي چونڊ لاءِ اميدوار تي مشاورت جاري آهي، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان به پشاور ۾ موجود آهن ۽ اپوزيشن ڌرين ۾ صلاح مشورا جاري آهن، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان چيو ته خيبرپختونخوا جي صورتحال تي متحد  اپوزيشن گڏجي مشاورت ڪري رهي آهي ۽ وزيراعليٰ لاءِ گڏيل اميدوار آڻيندي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ پارليامينٽيرينز جي سيڪريٽري جنرل ملڪ حبيب نور اورڪزئي چيو آهي ته سندن پارٽي به اپوزيشن جي گڏيل اميدوار تي مشاورت ڪري رهي آهي، ۽ جي يو آءِ جو اميدوار به سامهون اچي سگهي ٿو، ملڪ حبيب نور جو چوڻ هو ته آزاد ميمبرن سان به رابطا جاري آهن ۽ نئين سياسي صف بندي جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.