دهشت گردي خلاف جنگ ۽ زميني حقيقتون

ويجهي تاريخ ۾ ملڪ اندر دهشتگرديءَ خلاف ڪيترائي وڏا آپريشن ڪيا، جن ۾ ضرب عضب، راعدالفساد، ۽ سوات آپريشن نمايان آهن. انهن قدمن سان هڪ وقت لاءِ دهشتگردن جي پٺي ڀڃي وئي، ڪيترائي گروهه پابندين هيٺ آيا، ۽ ڪيترن علائقن ۾ امن جي واپسيءَ جو احساس پيدا ٿيو. پر افسوس جو اهو امن گهڻو عرصو قائم نه رهي سگهيو، ڇاڪاڻ ته ساڳي وقت حڪومت جي پاليسين ۾ اهڙا تضاد موجود رهيا، جيڪي دهشتگرديءَ کي زنده رکندا رهيا. ڪجهه شدت پسندن سان ”ڳالهايو“، رياستي نرمي، ۽ معاف ڪيل دهشتگردن جي بحالي جهڙيون پاليسيون اختيار ڪيون ويون، جيڪي بنيادي طور تي امن نه پر دهشتگرديءَ لاءِ نئون آڪسيجن مُهيا ڪرڻ جي برابر هيون. جڏهن ڪو قاتل پنهنجي جرم تي فخر سان کلندو آهي ۽ رياست کيس ڳالهين جي ميز تي سڏ ڪري، تڏهن اها حڪمت عملي نه پر بيحسي سڏبي آهي.

تحريڪ انصاف جي حڪومت دوران دهشتگرديءَ بابت رياستي رويو وڌيڪ نرم ٿي ويو. عمران خان جي اهڙن بيانن، جن ۾ طالبان سان ذهني يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو، يا افغان طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کي زنجيرون ٽوڙڻ سڏيو ويو، نه رڳو عوامي احساسن کي زخمي ڪيو پر بين الاقوامي سطح تي به پاڪستان جي موقف کي ڪمزور ڪيو. سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ عمل اهو هو، جڏهن ٽي ٽي پي سان بغير پارليامينٽ جي منظوريءَ، افغانستان ۾ ويهي مذاڪرات ڪيا ويا. انهن ڳالهين کي يا صلح جو عمل سڏيو ويو، پر ان جا نتيجا اڄ سامهون آهن، جڏهن ساڳيا دهشتگرد ٻيهر تنظيم بندي ڪري پاڪستان اندر حملن جو سلسلو شروع ڪري چڪا آهن. اهو ئي اهو موڙ هو، جتان رياست جي حڪمت عملي هڪ ڀيرو ٻيهر خطرناڪ رخ اختيار ڪيو. عمران خان جو اهو خيال ته اهي ماڻهو جبلن ۾ هئا، انهن کي روزگار ڏيون ته پاڻمرادو بدلجي ويندا، حقيقت کان پري هو. دهشتگرديءَ جو فلسفو رڳو معاشي غربت سان لاڳاپيل نه آهي، پر اهو هڪ فڪري زهر آهي، جيڪو ذهنن ۾ وڌو وڃي ٿو. جيڪو ماڻهو پنهنجي سوچ ۾ تشدد کي جهاد سمجهي ٿو، تنهن کي روزگار ڏيڻ سان نه پر فڪر کي بدلائڻ سان روڪي سگهجي ٿو، ۽ اهو ڪم رياست ڪرڻ کان قاصر رهي.

گذريل ڪجهه سالن ۾ وري هڪ ڀيرو دهشتگرديءَ جي لهر وڌي چڪي آهي. بلوچستان، خيبرپختونخوا، ۽ اڳوڻي فاٽا جا علائقا ٻيهر بارود جي بوءِ سان ڀرجي ويا آهن. پوليس، فوج، استادن، شاگردن، ۽ صحافين تي حملن جو سلسلو جاري آهي. انساني حقن جي تنظيمن ۽ ميڊيا جي رپورٽن موجب، گذريل ٻن سالن ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا گذريل ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو وڌي ويا آهن. ٽي ٽي پي نه رڳو افغانستان ۾ مضبوط ٿي چڪي آهي، پر پاڪستان اندر به کيس ڳجهي حمايت حاصل آهي. هيءَ صورتحال نه رڳو رياست جي پاليسين تي سوال اٿاري ٿي، پر ان جي اخلاقي حيثيت تي به ڇنڊ ڇڏي ٿي. ڇا حڪومت واقعي امن لاءِ سنجيده هئي، يا ڪجهه مخصوص مفادن تحت دهشتگرديءَ کي هڪ سياسي اوزار طور استعمال ڪيو ويو؟ اهو سوال اڄ هر شعوري ذهن ۾ موجود آهي.

دهشتگرديءَ جو مقابلو صرف هٿيارن سان نه ٿي سگهندو. اهو فڪر ۽ شعور جي ميدان ۾ کٽڻو پوندو، پر افسوس جو پاڪستان هن ميدان ۾ مڪمل طور ناڪام رهيو آهي. اسڪولن ۽ مدرسن ۾ اڃا تائين اهڙو نصاب متعارف نه ٿي سگهيو، جيڪو تشدد ۽ نفرت جي فلسفي کي رد ڪري. مذهبي تشدد خلاف ڳالهائڻ اڃا تائين بي ادبي سمجهي وڃي ٿي، ۽ علمي مباحثن کي بندوق سان خاموش ڪرايو وڃي ٿو. مذهب جي نالي تي فڪر کي قيد ڪيو ويو آهي، ۽ تنقيد کي غداري سڏيو وڃي ٿو. نتيجي طور، جڏهن ڪو نوجوان مدرسن مان نڪري بارود کڻي ٿو، ته اهو سماج ۽ رياست ٻنهي جي ناڪاميءَ جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ ⁠ته کيس ڪنهن سيکاريو ئي نه ته انسانيت، مذهب کان به مٿي هڪ قدر آهي.

دهشتگرديءَ جا سياسي ۽ معاشي پاسا به ايترا ئي اهم آهن. قبائلي علائقن جي محرومي، بلوچستان جي وسيلن تي قبضي، ۽ بيروزگاريءَ جو وڌندڙ دٻاءُ شدت پسنديءَ لاءِ زمين مهيا ڪئي آهي. پر انهن مسئلن جو حل بندوق يا فوجي آپريشن نه پر سماجي انصاف ۽ معاشي برابريءَ سان ممڪن آهي. جڏهن رياست پنهنجن شهرين سان برابريءَ جو رويو اختيار ڪندي، تڏهن ئي دهشتگرديءَ جي پاڙ کي ڪٽڻ ممڪن ٿيندو. پر موجوده حالتن ۾، جتي سياسي استحڪام ناپيد، معاشي بحران گهرو، ۽ ادارن تي عوامي اعتماد گهٽجي چڪو آهي، اتي دهشتگرديءَ جي فڪر کي وڌڻ لاءِ سازگار ماحول ملي ٿو. شدت پسندي هميشه افراتفريءَ مان جنم وٺندي آهي، ۽ بدقسمتيءَ سان، پاڪستان جي سياسي فضا اڄ به ان افراتفريءَ سان ڀرپور آهي.

امن جي واپسيءَ لاءِ هاڻي پاڪستان کي پنهنجين پاليسين جو ايماندار جائزو وٺڻو پوندو. دهشتگرديءَ خلاف جنگ جو مطلب صرف دشمن کي مارڻ نه آهي، پر پنهنجي سماج کي فڪر جي سطح تي محفوظ بڻائڻ آهي. رياست کي لازمي طور تي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن، جيڪي دهشتگرديءَ جي جڙ کي اکيڙين، نه ته فقط ان جي شاخن کي. دهشتگرديءَ سان ڳنڍيل هر گروهه سان نرمي بدران انصاف تي ٻڌل سخت رويو اختيار ڪرڻو پوندو. مدرسن ۾ جديد تعليم ۽ تنقيدي سوچ کي شامل ڪرڻو پوندو، ته جيئن نئين نسل کي فڪري طور تي مضبوط بڻائي سگهجي. دهشتگرديءَ کان متاثر علائقن لاءِ معاشي بحالي جا حقيقي منصوبا تيار ڪرڻا پوندا، ڇو⁠ته غربت ۽ محرومي هميشه شدت پسنديءَ کي جنم ڏيندي آهي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته رياست کي پنهنجن سياسي مفادن کي قومي سلامتيءَ کان الڳ ڪرڻو پوندو، ڇو⁠ ته جڏهن سياست ۽ سلامتي پاڻ ۾ گڏي وڃن، تڏهن نقصان هميشه عوام جو ٿيندو آهي.

دهشتگرديءَ جي باهه ۾ سڙندڙ پاڪستان کي هاڻي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا اهو پنهنجي ماضيءَ جي غلطن مان ڪجهه سکندو به يا نه. پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته ڇا اسان امن کي رڳو نعري طور وٺون ٿا يا پنهنجي قومي سڃاڻپ جو حصو بڻايون ٿا. جيڪڏهن اها سڃاڻپ پيدا ٿي وئي، ته پوءِ نه ڪو بارود هن سرزمين کي ساڙيندو، نه ڪو دهشتگرد ان کي استعمال ڪندو پر جيڪڏهن غفلت جاري رهي  ته پوءِ دهشت گردي خلاف جنگ جو ساڳيو نتيجو نڪرندو رهندو ۽ ملڪ آئيندي به نازڪ دور مان ئي گذرندو رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.