پشاور (م ڊ) گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته منهنجو پاڻي، منهنجي مرضي جهڙا بيان عهدي سان ٺهڪندڙ ناهن، اهڙي سوچ صوبائيت کي هوا ڏئي ٿي، سڀاڻي خيبرپختونخوا چوي ته منهنجو ڊيم، منهنجي معدنيات ته ڇا ٿيندو؟ گورنر هائوس پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته باجوڙ متاثرين لاءِ هلال احمر وسيلي في خاندان 50 هزار رپيا ڏنا ويندا، 1700 خاندانن جي ڊيٽا گڏ ٿي چڪي آهي ۽ مقصد متاثرين جي باعزت واپسي آهي. هن چيو ته پ پ جي علي حيدر گيلاني ۽ اي اين پي جي ايمل ولي خان کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ غلط آهي، سياسي اڳواڻن جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، ڇا دهشتگردن کي دعوت ڏني پئي وڃي؟ فيصل ڪنڊي چيو ته وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور کي صوبي جي حالتن جي خبر ئي ناهي، هو واضح ڪري ته رياست سان گڏ آهي يا دهشتگردن سان؟ هن چيو ته اسد قيصر بي اعتمادي جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، پر پهريان اهو ٻڌائي ته سندس ڀاءُ کي ڇو ڪڍيو ويو، اطلاع آهن ته کيس ڪرپشن تي هٽايو ويو، جيڪڏهن اسد قيصر بلاول ڀٽو کي ووٽ ڏئي ته اتحاد تي سوچيو وڃي سگهي ٿو. پنجاب حڪومت بابت ڳالهائيندي فيصل ڪنڊي چيو ته مريم نواز جي صفائي واري مهم ساراهه جوڳي آهي، پر سندس بيان ننڍي سوچ ظاهر ڪن ٿا، صوبائيت کي هوا نه ملڻ گهرجي.