سنڌ ۽ پنجاب حڪومتون هڪ آهن، عوام آڏو ڏيکاءُ ڪيو پيو وڃي:حافظ نعيم

لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پنجاب ۽ سنڌ جون حڪومتون هڪ ئي آهن، رڳو عوام آڏو ڏيکاءُ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته مافيا پئسو ڪمائي رهي آهي ۽ غريب هاري کي ڪجهه به نٿو ملي. لاهور ۾ هاري اڳواڻن سان ملاقات کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم چيو ته ملڪ ۾ 65 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي پر حڪومتي پاليسين سبب فصلن جي پيداوار گهٽجي وئي آهي، اٽو ۽ کنڊ مهانگا ٿي ويا آهن، جڏهن ته شوگر ملز ٽيڪس نيٽ ۾ به ناهن. هن چيو ته جيڪڏهن سبسڊي ڏيڻ گهرجي ته اها هارين ۽ عوام کي ملي، ڪڻڪ جو اگهه في مڻ 4500 رپيا مقرر ڪيو وڃي ۽ حڪومت سڌي ريت هارين کان خريداري ڪري. حافظ نعيم خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته جماعت اسلامي 24، 25 ۽ 26 آڪٽوبر تي پنجاب ۾ هاري بچايو تحريڪ هلائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.