کنڊ جي مسابقتي اگهن واري معاملي تي شگر ملن کي رليف ملي ويو

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ شوگر ملزز جي حق ۾ فيصلو ڪندي مسابقتي ڪميشن (سي سي پي) جي چيئرپرسن کي ٻيهرٻڌڻي جو اختيار ڏيڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔ عدالت 2 رڪني بئنچ جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس عامر فاروق جي ذريعي ڪيس کي ڪمپيٽيشن اپيلٽ ٽربيونل ڏانهن موٽائي ڇڏيو. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين جو آرٽيڪل 10-A هر شهري کي منصفاڻي ٽرائل جو حق ڏئي ٿو، جڏهن ته چيئرپرسن اڳ ۾ راءِ ظاهر ڪري چڪي هئي، تنهنڪري ڪاسٽنگ ووٽ جو استعمال غيرجانبداريءَ جي اصول جي خلاف آهي. فيصلي موجب، ڪاسٽنگ ووٽ رڳو انتظامي فيصلن لاءِ لاڳو ٿئي ٿو، عدالتي ڪارروائي لاءِ نه. ياد رهي ته 2021ع ۾ سي سي پي شوگر ملن تي اگهن ۾ واڌ بابت ڪارروائي ڪئي هئي، جنهن تي چيئرپرسن فيصلائتو ووٽ استعمال ڪندي ڏنڊ لاڳو ڪيا هئا، فيصلي خلاف شگر ملن سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.