ڪراچي پورٽ تي ڪوئلي جو هٿرادو استعمال، شهرين کي نقصان جو خدشو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي پورٽ تي ڪوئلي جي هٿرادو استعمال دوران ماحول ۽ شهرين کي نقصانپهچڻ جي خدشي بابت آگاهي ڏني وئي، ڪوئلي جي هٿرادو استعمال دوران سيپا جي ضابطن تي عمل نه ڪرڻ خلاف اين جي او جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڪي پي ٽي جي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهريو، عدالت ڪي پي ٽي کي 18 نومبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ ڪراچي پورٽ تي ڪوئلي جي هٿرادو استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ پورٽ قاسم تي صرف ڪوئلي جي هٿرادو استعمال جي اجازت ڏني آهي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جي پابندي باوجود ڪراچي پورٽ تي ڪوئلي جي بدران ”پيٽروليم ڪوڪ“ هٿرادو استعمال ڪيو پيو وڃي، پيٽروليم ڪوڪ جي هٿرادو استعمال دوران مٽي اُڏڻ ماحول ۽ ويجهي آبادي لاءِ نقصانڪار آهي، سيپا هينڊلنگ جي طريقي کي ماحول لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.