اسلام آباد/لاهور (امداد سومرو) علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي اعلان سان گڏوگڏ عمران خان جارحاڻو ڪارڊ ظاهر ڪيو آهي جيڪو رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ آهي. ٻئي پاسي کان جواب اهو آيو آهي ته عمران خان جي ڳالهه کي دهشتگردن جي سهولتڪاري قرار ڏنو پيو وڃي. عمران خان پنهنجي ئي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سُهيل آفريدي کي نئون وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو. ان جو سبب عليما خان ۽ علي امين گنڊاپور جي تڪرار کي سمجهيو ويو. ذريعن موجب، هي فيصلو اڊيالا جيل ۾ ٿيل ملاقاتن کانپوءِ ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ پارٽي ۾ وڏي افراتفري ڏسڻ ۾ آئي. گنڊاپور جي هٽائڻ جي هڪ اهم سبب طور عمران خان ۽ سندس ڀيڻ عليما خان جي وچ ۾ اختلافن کي به ڏٺو پيو وڃي. گنڊاپور مبينا طور عمران خان کي ٻڌايو ته عليما خان ٻئي اداري لاءِ ڪم ڪري ٿي ۽ پارٽي تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ظاهري طور اهو ئي سبب بڻيو. هاڻي عمران خان جو پيغام عليما خان بدران نورين خان آڻيندي. ان جو مطلب اهو آهي ته عليما خان کي به سياسي معاملن کان پري رهڻ جو چيو ويو آهي. هي مائنس ٽو آهي. ان کان اڳ پيغام آيو هو ته عليما خان جو سياسي معاملن سان واسطو ناهي، ڪير سندس حڪمن تي عمل نه ڪري. گنڊاپور استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. سلمان اڪرم راجا جو ٻڌايل سبب عجيب آهي، هن چيو ته عمران خان چيو هو ته وفاقي حڪومت جي افغانستان بابت پاليسي تي ناهي هلڻو، طالبان سان ڳالهيون ۽ آپريشنن جي مخالفت ڪرڻي آهي، گذريل ڏينهن 11 جوان شهيد ٿي ويا، اهو واقعو سندس دل تي لڳو آهي. هن علي امين گنڊاپور کي تنهن ڪري هٽايو. هن چيو ته سهيل آفريدي وفاقي حڪومت جي رهنمائي ڪري. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. گنڊاپور هجي يا سهيل آفريدي، پاڻ عمران خان وڏو وزير بڻجي به افغانستان سان رابطو نٿو ڪري سگهي. بنيادي طور تي عمران خان علي امين گنڊاپور کي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ چيو هوندو، يا اڳتي هلي سندس اهڙو ارادو هوندو، ماضي ۾ به عمران خان اهڙي استعيفيٰ عثمان بوزدار کان ورتي هئي. پرويز الاهي کي چيو ويو هو ته اسيمبلي ٽوڙي. پي ٽي آءِ ۾ گروپ بندي وڌيڪ آهي. سڀ گروپ هڪ وڏي وزير تي متفق ٿيندا يا نه، اهو به وڏو چئلينج آهي. ذريعن موجب، عمران خان جو مقصد افغانستان ڪارڊ کي استعمال ڪري رياست تي دٻاءُ وجهڻ ۽ پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ آهي، پر نئون وڏو وزير سهيل آفريدي جيڪڏهن اها پاليسي اختيار نه ڪري سگهيو ته عمران خان کيس به هٽائي سگهي ٿو. اڳ ئي اهي ڳالهيون هيون ته علي امين گنڊاپور عمران خان جو ماڻهو ناهي، ٻئي ڪنهن جو ماڻهو آهي. گنڊاپور جيڪو ڪجهه ڪيو اهو عمران خان کي کيڏائي رهيو هو. اصل ڳالهه عمران خان جي آزادي آهي. عمران خان افغانستان جي طالبان حڪومت سان همدرديون ڏيکاري، آپريشنن جي مخالفت ڪري رياست کي ٽف ٽائم ڏيڻ چاهي ٿو پر ٻئي پاسي فيلڊ مارشل چيو آهي ته مخصوص سياسي سرپستي ۾ دهشتگردي ۽ ڏوهن جو ڳٺ جوڙ هاڻي وڌيڪ برداشت ناهي. ٻئي پاسي، فيلڊ مارشل عاصم منير پنهنجي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيو ته دهشتگردي جي سياسي سرپرستي ۽ رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ واري رويي کي هاڻي برداشت نه ڪيو ويندو. هن جو اهو بيان سياسي حلقن ۾ تحريڪ انصاف ڏانهن اشارو سمجهيو پيو وڃي.