سهيل آفريدي کي وڏو وزير بڻائڻ، اسٽيبلشمينٽ جي پاليسي جي ابتڙ آهي؟

ڪراچي/پشاور/اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي غير امڪاني استعيفيءَ نه رڳو تحريڪِ انصاف جي اندر جاري منصوبا بندي کي متاثر ڪيو آهي، پر ان پارٽي قيادت جي اندروني اختلافن کي به ظاهر ڪيو آهي. ذريعن جي دعويٰ آهي ته سڄو معاملو هڪ منظم سياسي حڪمت عملي تحت هلي رهيو هو، جنهن ۾ عمران خان سڌو سنئون شامل هئا. پارٽي جو بيانيو اهو رکيو ويو هو ته علي امين گنڊاپور اصل ۾ تحريڪِ انصاف جو نمائندا نه پر هڪ عارضي چهرو هو ته جيئن عوامي تنقيد جو نشانو پارٽي بدران رڳو گنڊاپور بڻجي. عمران خان جي منظوري سان هڪ منصوبو تيار ڪيو ويو هو، جنهن تحت گنڊاپور کان استعيفيٰ طلب ڪرڻي هئي، پر کيس هدايت ڏني وئي هئي ته هو استعيفيٰ نه ڏئي.  هن حڪمت عملي جو مقصد اهو تاثر ڏيڻ هو ته صوبائي اسيمبلي جا ميمبر اڃا تائين موجود وڏي وزير سان گڏ بيٺل آهن، اهڙيءَ طرح پارٽي جي بيانئي کي نين چونڊن ۾ استعمال ڪري سگهجي ها. بيرسٽر گوهر به هن ئي منصوبي موجب ميڊيا تي ان ڳالهه جي ترديد ڪئي، پر غير امڪاني طور علي امين گنڊاپور واقعي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن سان سارو پلان بگڙي ويو. اصل منصوبا بندي اها هئي ته ڪجهه عرصي بعد سهيل آفريدي کي منظرِ عام تي آندو وڃي ۽ اعلان ڪيو وڃي ته جيڪڏهن تحريڪِ انصاف ٻيهر اقتدار ۾ آئي ته اهو ئي وزيراعليٰ هوندو پر گنڊاپور جي استعيفيٰ هن سڄي راند کي ابتو ڪري ڇڏيو. هاڻي سهيل آفريدي جي نالي تي مختلف ڌرين ۾ اعتراض اٿڻ لڳا آهن، ڇو ته مٿس اهڙا ڪيترائي الزام آهن جيڪي کيس عثمان بوزدار کان به وڌيڪ تڪراري بڻائي سگهن ٿا. اهو به اطلاع آهي ته علي امين گنڊاپور پردي پٺيان ٻيهر سرگرم ٿي سگهي ٿو ۽ ڪجهه اپوزيشن جماعتن سان سندس رابطا وڌڻ جو امڪان آهي. ڪجهه ذريعا چون ٿا ته مولانا فضل الرحمان به هن صورتحال مان فائدو وٺندي پنهنجو اميدوار آڻي سگهي ٿو، جنهن سان صوبائي سياست هڪ ڀيرو ٻيهر قومي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويندي. ذريعن موجب سهيل آفريدي کي عليما خان جي مڪمل حمايت حاصل آهي ۽ ان جي ئي اسرار تي عمران خان گنڊاپور کي هٽائڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي، ڇو ته گنڊاپور هميشا چوندو هو ته هو رڳو عمران خان جا حڪم مڃيندو آهي. سياسي مبصرن جي مطابق هي ڇڪتاڻ دراصل بني گالا جي اندروني اختلافن جي هڪ جهلڪ آهي، جنهن پارٽي قيادت ۾ بي اعتمادي جي فضا وڌائي ڇڏي آهي. اطلاع اهو به آهي ته عمران خان سهيل آفريدي کي نئون وزيراعليٰ بڻائي طالبان ۽ ٽي ٽي پي سان ڪنهن قسم جي ڊيل ڪرڻ چاهيندو آهي. تجزئي نگار چون ٿا ته اهو ئي نڪتو آهي جنهن ڏانهن ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي پڌرائي ۾ به اشارو ڪيو ويو، جتي چيو ويو ته ’دهشتگردي ۽ ڏوهن جي گٺ جوڙ کي، جيڪو سياسي سرپرستي سبب رياست جي مفادن کي نقصان پهچائي رهيو آهي، هر قيمت تي ختم ڪيو ويندو۔ ڇا سهيل آفريدي کي وزيراعليٰ بڻائڻ، اسٽيبلشمينٽ جي پاليسي جي ابتڙ بيهڻ آهي؟ هن تبديليءَ سان عوامي رليف جي ڪا به اميد ناهي، پر صوبي ۾ بي چيني وڌيڪ وڌڻ جو خطرو آهي.  هوڏانهن وزيراعظم آزاد ڪشمير چوڌري انوارالحق کي سندس عهدو ڇڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن سان وفاقي سطح تي به هڪ نئون سياسي بحران جنم وٺي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.