ٻئي صوبي جي وزيراعليٰ کي به تبديل ڪرڻ جون تياريون

ڪراچي (ارباب چانڊيو) علي امين گنڊاپور جي تبديلي کانپوءِ هڪ ٻئي صوبي جي وڏي وزير کي به تبديل ڪرڻ جون تياريون جاري آهن، جڏهن ته ان جو حتمي فيصلو اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي. ذريعن موجب، اهو عمل نومبر يا ڊسمبر تائين مڪمل ٿي سگهي ٿو. ان حوالي سان مختلف هنڌن تي پارٽي اڳواڻن وچ ۾ صلاح مشورا جاري آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته وڏي وزير کي يا ته بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽايو ويندو يا پارٽي پاڻ سندس جاءِ تي نئون وڏو وزير مقرر ڪندي. ذريعن موجب، جڏهن خيبرپختونخوا ۾ نئون وڏو وزير حلف کڻي وٺندو، تڏهن ٻئي مرحلي ۾ ٻئي صوبي جي تبديليءَ وارو عمل تيزي سان اڳتي وڌايو ويندو. ان کان اڳ اهي خبرون هيون ته ٻين صوبن ۾ به وڏن وزيرن کي هٽائڻ بابت ڳالهيون هلي رهيون آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 09 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.