ڪيمسٽري جو نوبيل انعام” ميٽل آرگينڪ فريم ورڪ“ تي ڪم ڪندڙ سائنسدانن جي نانءُ

رائل سوئيڊش اڪيڊمي آف سائنسز 2025ع لاءِ ڪيمسٽري جو نوبيل انعام اعلان ڪري ڇڏيو .
ڪيمسٽري جي شعبي ۾ 2025ع جو نوبيل انعام 3 عالمن کي گڏيل طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
آسٽريليا جي ميلبورن يونيورسٽي سان لاڳاپيل رچرڊ رابنسن، جپان جي ڪيوٽو يونيورسٽي سان واڳيل سوسومو ڪيٽاگاوا ۽ آمريڪا جي ڪئليفورنيا يونيورسٽي سان سلهاڙيل اردن ڄائي عمر ياگل کي اِهو اعزاز” ميٽل آرگينڪ فريم ورڪ“ تي ڪيل ڪم جي بنياد تي ڏنو ويو آهي.
نوبيل ڪميٽي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽيئي سائنسدان انعام شيئر ڪندا، سندن ڪم مان ڪيمسٽري جي ماهرن کي پنهنجي شعبي ۾ درپيش چئلينجز کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي.
نوبيل ڪميٽي فار ڪيمسٽري جي سربراهه هاينر لنڪي موجب، ميٽل آرگينڪ فريم ورڪ ۾ اڻ ڳڻيا موقعا لڪل آهن ۽ ان جي مدد سان اسان کي ڪاسٽيوم مواد جي نون فعلن کي سامهون آڻڻ جو موقعو مليو.
ڪميٽي ٽنهي سائنسدانن کي وڏن هنڌن ۾ ماليڪيولر ڪنسٽرڪشنز جي تياري تي ساراهيو، جتي گيسون ۽ ٻيا ڪيميڪلز هموار طريقي سان وهن ٿا.
هاينر لنڪي چيو ته ”ڪيمسٽري هيري پوٽر جي ڪردار ’هرمائني گرينجر‘ جي هٿ جي بيگ جيان ڪم ڪري ٿي، جيڪو ٻاهران ڏسڻ ۾ ننڍو هوندو آهي پر اندران تمام وڏو، بلڪل اهڙيءَ ريت ڪيمسٽري ۾ تمام وڏي مقدار ۾ گيسون ننڍي جاءِ ۾ سمايل هونديون آهن.“
نوبيل انعام سان گڏ 11 لک ڊالرن جي انعامي رقم به ٽنهي سائنسدانن ۾ ورهائي ويندي.
ياد رهي ته 2024ع ۾ ڪيمسٽري واري شعبي جو نوبيل انعام آمريڪا جي واشنگٽن يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڊيوڊ بيڪر، جڏهن ته گوگل ڊيپ مائنڊ جي برطانيا سان سلهاڙيل سائنسدانن ڊيمس هاسابِس ۽ جان ايم جمپر کي زندگي جي بنياد سمجهيا ويندڙ پروٽينز جي بناوٽ تي ڪيل تحقيقي ڪم تي ڏنو ويو هو.
ان کان اڳ 6 آڪٽوبر تي انساني جسم جي مدافعتي نظام جي سڪيورٽي گارڊ جي نشاندهي ڪندڙ ٽن سائنسدانن کي طب (فيزيولاجي) جو نوبيل انعام ڏنو ويو هو، انعام ماڻيندڙن ۾ ٻه آمريڪي، ميري برنڪو ۽ فريڊ رمزڊيل، ۽ هڪ جپاني پروفيسر شيمون ساڪاگوچي شامل آهن.
اهڙي طرح 7 آڪٽوبر تي فزڪس جو نوبيل انعام به گڏيل طور ٽن سائنسدانن جان ڪلارڪ، مشيل ايچ ڊورٽ ۽ جان ايم مارٽينس کي مليو
ياد رهي ته آڪٽوبر تي ادب ۽ 10 آڪٽوبر تي امن جو نوبيل انعام جو اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته معيشت جو نوبيل انعام 14 آڪٽوبر تي ڏنو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.