ٽماٽو 400 رپيا ڪلو ٿي ويو، عوام پريشان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻوڏ سبب فصلن جي تباهيءَ جي ڪري ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٽماٽو 350 کان 400 رپيا ڪلو ٿي ويو.
ٽماٽي جو استعمال هر ڀاڄي ۾ ٿيندو آهي پر اگهه وڌڻ سبب ماڻهو ان جي متبادل طور ڏهي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن.
ٽماٽمو هڪ مهينو اڳ 40 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو هو پر هاڻ ايترو مهانگو ٿي ويو آهي ته جو ڪيترن ئي علائقن ۾ ان جي قيمت 400 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي.
پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ٻوڏ سبب فصل تباهه ٿي ويا، جنهن جي ڪري ٽماٽو اتان نه پيو اچي.
مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته هن سيزن ۾ ٽماٽي جي قيمت گهٽ کان گهٽ 20 ۽ وڌ کان وڌ 40 رپيا ڪلو هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.