سوئيڊن جي رائل اڪيڊمي آف سائنسز 2025ع لاءِ فزڪس جو نوبيل انعام گڏيل طور 3 سائنسدانن کي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نوبيل پرائز ماڻيندڙ هڪ سائنسدان آمريڪي، هڪ فرينچ ۽ هڪ برطانوي آهي، پر ٽيئي هن وقت آمريڪي يونيورسٽين ۾ درس ۽ تدريس جي شعبي سان واڳيل آهن.
فزڪس جو نوبيل انعام جان ڪلارڪ، مشيل ايڇ ڊيوريٽ ۽ جان ايم مارٽينس جي نالي رهيو.
ٽنهي کي اِهو اعزاز مائڪروسڪوپڪ ڪوانٽم ميڪينيڪل ٽنلنگ ۽ اليڪٽرڪ سرڪٽ جي توانائي جي ڪوانٽائيزيشن جي دريافت تي ڏنو ويو.
نوبيل ڪاميٽي ڪوانٽم ورلڊ جي ڇرڪائيندڙ خاصيتن کي اجاگر ڪرڻ تي ٽنهي سائنسدانن جي ڪم کي ساراهيو،
ان موقعي تي برطانيا سان واسطو رکندڙ جان ڪلارڪ چيو ته نوبيل انعام ملڻ جي خبر ٻڌي هو دنگ رهجي ويو.
هن چيو ته اسان کي ڪڏهن احساس ئي نه ٿيو هو ته اسان جو ڪم نوبيل انعام ڏيکاري سگهي ٿو.
جان ڪلارڪ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪئليفورنيا يونيورسٽي (بارڪلي) لاءِ ان موضوع تي تحقيق ڪئي هئي.
مشيل ايڇ ڊيوريٽ فرينچ آهي، پر آمريڪا جي ييل يونيورسٽي سان سلهاڙيل آهي، جڏهن ته جان ايم مارٽينس ڪئليفورنيا يونيورسٽي (سانتا باربرا) سان لاڳاپيل آهي.
ان نوبيل انعام سان گڏ ملندڙ 11 لک ڊالرز جي رقم به ٽنهي سائنسدانن ۾ ورهائي ويندي.
سندن تحقيق سان نئين نسل لاءِ ڪوانٽم ٽيڪنالاجي جهڙوڪ ڪوانٽم ڪرپٽوگرافي، ڪوانٽم ڪمپيوٽر ۽ ڪوانٽم سينسرز جا دَڳ کُليا.
ان کان اڳ 6 آڪٽوبر تي انساني جسم جي مدافعتي نظام جي سڪيورٽي گارڊ جي نشاندهي ڪندڙ ٽن سائنسدانن کي طب (فيزيولاجي) جو نوبيل انعام ڏنو ويو هو، انعام ماڻيندڙن ۾ ٻه آمريڪي، ميري برنڪو ۽ فريڊ رمزڊيل، ۽ هڪ جپاني پروفيسر شيمون ساڪاگوچي شامل آهن.
ياد رهي ته 8 آڪٽوبر تي ڪيمسٽري، 9 آڪٽوبر تي ادب ۽ 10 آڪٽوبر تي امن جو نوبيل انعام جو اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته معيشت جو نوبيل انعام 14 آڪٽوبر تي ڏنو ويندو.
فزڪس جو نوبيل انعام ” ڪوانٽم ٽيڪنالوجي“ تي کوجنا ڪندڙ ٽن سائسندانن کي ڏيڻ جو اعلان
You might also like