ن ليگ اتحاد ٽوڙڻ چاهي ٿي ته حڪومتي بئنچن تي نه ويهنداسين:شيري رحمان

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پيپلز پارٽي جي سينيئر نائب صدر شيـري رحمان وفاقي اتحادي پارٽي کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان جي واضح حمايت حاصل نه ڪئي وئي ته سينيٽ ۾ توهان لاءِ حالتون ڏاڍيون مشڪل ٿي سگهن ٿيون۔”ڊان نيوز ٽي وي جي پروگرام ’دوسرا رخ’ ۾ ڳالهائيندي هن جيڪڏهن توهان سڄو اتحاد ٽوڙڻ چاهيو ٿا ته اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيان ٿي ته اسان جا حڪومتي بنچ تي ويهڻ لازمي نه سمجهو، ۽ نه ئي اهو سمجهو ته هر حالت ۾ توهان جي حڪومت کي مستحڪم رکينداسينهن سوال اٿاريو ته هي ڪهڙو اتحاد آهي؟ توهان ان کي ڪهڙي طرف وٺي وڃڻ چاهيو ٿا؟ آخر مقصد ڇا آهن؟”هن واضح ڪيو ته هي مسئلو سـِنڌ ۽ پنجاب جو نه پر وفاق ۽ عوام جو مسئلو آهي، هن چيو ته اسان اتحادي آهيون، پر (ن) ليگ کي اها اميد نه رکڻ گهرجي ته اسان انهن جا گهر يا ڪاروبار به هلائينداسين۔”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.