لاهور(بيورو رپورٽ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته جيڪڏهن مان پنجاب جي ڳالهه نه ڪنديس ته پوءِ ڪير ڪندو؟” ۽ هن وقت پنجاب ۾ صفائي ۽ ترقيءَ جو انقلاب اچي چڪو آهي. هن چيو ته صوبي مان نه صرف ڏوهن جي صفائي ڪئي وئي آهي، پر انهن ذهنن جي به صفائي ڪري رهي آھيان، جيڪي پنجاب جي ترقيءَ سان سڙندا آهن. لاهور ۾ "سٿرا پنجاب پروگرام” جي تقريب دوران خطاب ڪندي مريم نواز پروگرام جي ڪارڪنن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو. مريم نواز چيو ته شهباز شريف جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ صفائيءَ جو نظام تباهه ٿي ويو هو. گوگي پنڪي جي 4 سالن ۾ پاڪستان بدترين حالتن مان گذريو. لاهور سميت پنجاب جي شهرن ۾ گندگيءَ جا ڍير لڳي ويا هئا. مريم نواز چيو ته مان چاهيان ٿي ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا به اهڙيءَ طرح صاف ۽ ترقي يافته ٿين جيئن اڄ پنجاب آهي. ٻين صوبن جي ماڻهن کي پنهنجي حڪومتن کان سهولتن بابت سوال ڪرڻ گهرجن. تعليم، صحت ۽ ٽرانسپورٽ جي بهترين سهولتون عوام جو حق آهن. جيڪڏهن روزگار، سٺي سواري، يا اسڪالرشپس نٿيون ملن ته پنهنجي حڪومتن کان پڇا ڪن.