پشاور (عوامي آواز نيوز)عوامي نيشنل پارٽي خيبرپختونخوا جي صدر ميان افتخار حسين چيو آهي ته ايمل ولي خان جي تقرير پارٽي جو باضابطه بيانيو آهي ۽ پارٽي مڪمل طور تي پنهنجي سربراهه جي موقف سان متفق آهي۔پشاور ۾ پريس ڪانفرنس دوران ميان افتخار چيو ته اسان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني ناهي، اسان رڳو پارليامينٽ جي بالادستي چاهيون ٿا، ۽ هر سوال جو جواب ايوان اندر ڏنو وڃي، ميڊيا تي بيان ڏيڻ مناسب ناهي،هن چيو ته ايمل ولي خان جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ خطرناڪ ۽ نقصانڪار قدم آهي، وفاقي حڪومت وضاحت ڪري ته آخر ڪهڙو معاهدو ٿيو آهي؟حڪومت کي ذاتي حملا ڪرڻ بدران آئيني پليٽ فارم استعمال ڪرڻ گهرجي، اسان سمجهون ٿا ته معدنيات ۽ قدرتي وسيلن تي صوبن جو حق آهي، ايمل ولي جي انهن سوالن جي پويان سڄي پارٽي گڏ بيٺي آهي.”هن واضع ڪيو ته اسلحي جي نمائش اين پي جي منشور جو حصو ناهي، ۽ دهشتگردي هاڻي نئين شڪل اختيار ڪري چڪي آهي۔ٻئي طرف، اسلام آباد پوليس سينيٽر ايمل ولي خان کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي۔ پوليس ذريعن موجب، ايمل ولي خان سينيٽ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيو هو ته رستي ۾ حراست ۾ ورتو ويو۔پوليس جو چوڻ آهي ته ايمل ولي غيرقانوني طور مسلح ماڻهن سان گڏ اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ۽ سندس خلاف ادارن بابت نفرت انگيز بيان ڏيڻ جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي۔وفاقي راڄڌاني ۾ اين پي ڪارڪنن جي ممڪن احتجاج کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي۔