بدقسمتي سان ملڪ خداداد پاڪستان ۾ انسان ذات آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن حڪومتي يا کڻي ائين چئجي ته شاهي فرمانن جي ور چڙهيل آهي ته ڪڏهن بجلي جي ٽيرف آسمان سان ڳالهيون پيو ڪري ته ڪڏهن گئس جيڪي قدرتي طور تي اسان کي معدني خزاني مان بلوچستان ۽ سنڌ مان حاصل ٿئي ٿي تنهن جا ريٽ عام انسان جي پهچ کان مٿڀرا نظر اچن ٿا.
تازو هڪ ٻيو وڏو اشو جيڪو عام ماڻهو ۽ متاثر ٿيندڙ هڪ وڏي پٽي جيڪا سمنڊ ڪناري آباد آهي تنهن بابت ڄاڻ نٿي رکي، ان سلسلي ۾ تازو سماجي تنظيم انڊس ڪنسورشيم پاران ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ “فوسل گيس ۽ ايل اين جي” جي خطرن بابت آگاهي ۽ تربيتي ورڪشاپ ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ملير جي صحافين سميت سماجي ۽ سامونڊي پٽي سان وابسته ماهيگيرن جي حقن ۽ انهن جي اشوز لاءِ جاکوڙيندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي، هن معلوماتي ۽ انتهائي خطرناڪ صورتحال بابت ڳڻتي جوڳي صورتحال سامهون آئي، سماجي تنظيم انڊس ڪنسورشيم جي سي اي او حسين جروار، سيد شاهد حسين شاهه، سينيئر ماحولياتي صحافي امر ڳورڙ، ماحوليات تي پي ايڇ ڊي ماڻيندڙ ڊاڪٽر بلال ۽ سماجي اڳواڻ مجيد موٽاڻي، ايل اين جي، ڪول سميت فوسل گيسز جي خطرن بابت آگاهي ڏني ۽ صحافين کي ان بابت اشوز کي حڪمرانن توڙي عام عوام تائين پهچائڻ لاءِ تربيت پڻ ڏني وئي، سماجي تنظيم جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته فوسل گيس جنهن کي اڪثر قدرتي گيس چيو ويندو آهي جيڪو ايل اين جي جي صورت ۾ ماحولياتي تبديلي ۽ گندلاڻ کي متحرڪ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ايل اين جي “ليڪيوفائيڊ نيچرل گيس” کي اڪثر ڪوئلي جي مقابلي ۾ وڌيڪ صاف استعمال ٿيندڙ پيش ڪيو ويندو آهي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي، ايل اين جي فوسل گيس طور پنهنجي پسگردائي ۾ تمام وڏا نقصان پيدا ڪندو آهي جيڪو فضا ۾ هوا ذريعي گدلاڻ پيدا ڪندو آهي ۽ هو ڪوئلي کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ زهريلو هوندو آهي، هنن چيو ته گيس پلانٽ ۽ ايل اين جي ٽرمينلز مان نڪرندڙ زهريلو دونهون ۽ گدلاڻ وارو پاڻي ڀرپاسي ۾ رهندڙ آبادي وارن ماڻهن کي مختلف بيمارين کنگهه، ساهه، چمڙي ۽ اکين جي بيمارين سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، عورتون ۽ ٻارڙا خاص طور تي متاثر ٿيا آهن، هنن چيو ته لٽ بستي لڳ پاور پلانٽ تي مختلف گيسن سبب مٿين بيماري وڌڻ لڳي آهي جنهن جا حڪومت اپاءُ وٺي، هن وڌيڪ چيو ته فوسل گيسز سبب سمنڊ ۾ مڇي جي مرڻ جو پڻ هڪ وڏو سبب پيدا ٿيندو آهي جنهن سان ماهيگيرن جو روزگار سخت متاثر ٿئي پيو، ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ سميت ساحلي پٽي تي موجود مهاڻا هن وقت فوسل گيسز، ايل اين جي ۽ ڪوئلي جي گيسن مان سخت پريشان آهن انهن جي مسئلن جي حل لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، واضح رهي ته فوسل گيسز سبب تمام وڏا معاشي مسئلا پڻ جنم وٺي رهيا آهن، حڪومت کي اهڙن ماحول دشمن پاليسين کان پاسو ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ ساحلي پٽي تي رهندڙ ماهيگيرن ۾ بدحالي ۽ بيروزگاري سميت مختلف بيماريون وڏي پئماني تي جنم وٺنديون. ان موقعي تي ورڪشاپ ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته ملير جا صحافي وڌندڙ گدلاڻ ۽ ماحوليات تي پنهنجون رپورٽون ٺاهي مضمونن جي صورت ۾ اخبارن ۽ چئنل تائين پهچائيندا، هنن چيو ته جلد ئي ملير جي اندر هڪ اهڙي قسم جو سيمينار ڪوٺايو ويندو.
هاڻ صورتحال هتي اها ٿي پيدا ٿئي ته آخرڪار اهي ڪهڙي قوتون آهن جيڪي ترقياتي جي نالي تي سامونڊي جيوت ۽ قيمتي انساني جانين کي فنا ڪرڻ ۽ ايڏي وڏي مخلوق جو غير طبي طور تي خاتمو ڪري معيشيت کي بهتري طرف آڻڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، ان سلسلي ۾ سامونڊي پٽي تي ڪم ڪندڙ ڪيتري ئي عرصي کان سماجي اڳواڻن مجيد موٽاڻي، يونس خاصخيلي پاران ميڊيا آڏو جيڪي انڪشاف ڪيا آهن جنهن ۾ موتمار سامونڊي حدن ۾ ماحولياتي گدلاڻ جنهن کي ايل اين جي گيس جي رسد ۾ جيڪي انڪشاف سامهون آيا آهن تن تي موجوده حڪومت ۽ خاص طور تي سنڌ حڪومت جيڪا نج عوام جي خدمت جي دعويدار آهي تنهن کي هن اهم ۽ سنگين اشوز طرف جاچ ڪرائي عوام آڏو رپورٽ جاري ڪري ۽ هن اهم انسان دشمن ماحولياتي گندلاڻ جيڪا ايل اين جي گيس جي صورت ۾ سامهون آئي آهي تنهن تي هڪدم پابندي مڙهي پنهنجو آئيني حق ادا ڪري جيڪڏهن اهو قدم نه کنيو ويو ته سامونڊي پٽي سان وابسته هڪ وڏو لڏو جنهن جو روزگار ۽ جنهن جي حيات زندگي داءُ تي لڳل آهي سا مخلوق احتجاج جو دائرو ايوانن آڏو ڪرڻ تي مجبور ٿيندا ڇو جو انهن جي بقاءَُ جو اهو ئي رستو اسين سمجهون ٿا پوءِ حڪمرانن کي دير نه ڪرڻ گهرجي جيڪو انهن جي قوم جي لاءِ هاڃيڪار آهي.