ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف زرداري وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي پنجاب ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
بلاول هائوس ڪراچي ۾ رات دير سان صدر آصف زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي، جنهن دوران موجودا سياسي صورتحال سميت سنڌ ۽ پنجاب حڪومت وچ ۾ جاري تڪرار تي به ڳالهيون ٿيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر پنجاب حڪومت جي بيانن ۽ حڪومتي ترجمانن جي الزامن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
ذريعن موجب، صدر محسن نقوي کي هدايت ڪئي آهي ته هو هن صورتحال ۾ فعال ڪردار ادا ڪري.
ياد رهي ته ٻنهي طرفن کان سخت بيانن کانپوءِ ڪجهه ڏينهن کان پنجاب ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي آهي، جنهن سبب گذريل ڏينهن پ پ پارليامينٽ جي اجلاس جو بائيڪاٽ پڻ ڪيو هو.
Next Post
You might also like