سون چوٽ چڙهي ويو، وڌيڪ سوين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، اڄ به في تولو 1500 سئو رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان صرافا جيولرز اينڊ ايسوسيئيشن موجب، في سولو سون 1500 رپيا واڌ بعد 4 لک 16 هزار 778 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته 10 گرام سون به 1286 رپيا واڌ سان 3 لک 57 هزار 319 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيوآهي.
جيولرز ايسوسيئيشن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 15 ڊالر جي اضافي سان 3955 ڊالرز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.