فخر زمان نيٺ پاڪستان کي ڪڏهن ميچون کٽرائيندو؟ احمد شهزاد اوپنر جي ڪارڪردگي تي سوال اُٿاري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪرڪيٽر احمد شهزاد پاڪستاني ٽيم جي اوپنر فخر زمان جي اسٽرائيڪ ريٽ تي سوال اُٿاري ڇڏيا.
احمد شهزاد ويجهڙ ۾ نجي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران هن پنهنجي ڪيريئر سميت ٻين ڪرڪيٽرز جي ڪارڪردگي تي روشني وڌي.
فخر زمان جي ڪارڪردگي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ”فخر زمان چيمپيئنز ٽرافي ۾ هڪ ميچ کٽرائي، ون ڊي ۾ سندس ڪارڪردگي سٺي آهي پر ٽي ٽوئنٽي ۾ سندس انگ اکر سواليا نشان آهن.“
هن چيو ته بابر اعظم جا رڳو هاڪاري اسٽيٽس ڏيکاريا ويندا آهن، پر جڏهن اسان سندس ناڪاري اسٽيٽس ڏيکاريا ته ماڻهن چيو ته اسان ته اُهي انگ اکر ڏٺا ئي ناهن.
اڳوڻي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته اهڙي طرح فخر زمان لاءِ چيو ويندو آهي ته جڏهن هلندو ته ميچ کٽرائيندو، پر توهان ٻڌايو ته ڏهه سال ٿي ويا آهن فخر کي ٽي ٽوئنٽي کيڏندي، هو ڪڏهن پرفارم ڪندو؟ هتي سسٽم پسند نا پسند تي هلندو آهي، ڪير ڪهڙي ٽيم ۾ آهي ۽ ان ٽيم جو پي سي بي ۾ ڪيترو اثر رسوخ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان فخر زمان جي اسٽيٽس تي ڳالهائيندي سوال اُٿاريو ته سندس ايوريج 20 آهي، اسٽرائيڪ ريٽ 127 جو آهي، هو اوپنر طور سيٽ نه ٿو ٿئي، چوٿين نمبر تي به نٿو هلي سگهي ۽ بيانيو اهو ٺاهيو ويو آهي ته جڏهن هلندو ته ميچون کٽرائيندو، سوال اهو آهي ته هو آخر ڪڏهن هلندو؟“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.