لاهور(مزمل سهروردي)صدر آصف علي زرداري محسن نقوي ذريعي اسٽيبلشمينٽ کي پيغام موڪليو آهي ته مريم نواز کي پ پ خلاف بيان بازي کان چپ ڪرايو وڃي،پ پ مريم نواز تي عسڪري دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي،پنجاب ۾ ووٽ بئنڪ کان بغير پيپلز پارٽي قومي سياست نٿي ڪري سگهي،بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ پ پ کي پنجاب مان سيٽون کپن،پر صورتحال اها آهي ته پنجاب ۾ پ پ لاءِ پوزيشن نه پئي ٿئي،جڏهن ته پ پ کي اندازو ٿي ويو آهي ته ن ليگ سان ويڙهه ڇيڙڻ سان ان کي نقصان ٿيندو،ٻئي پاسي پي ٽي آءِ حڪومتي آشيرواد کان بغير ڪو به احتجاج نٿي ڪري سگهي،عمران خان کي ڪو به ماڻهو ڊيل جي آڇ نه پيو ڪري.