ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ حڪومت جي ترجمان پنجاب جي وزير اطلاعات جي بيان تي ردعمل جو اظھار ڪندي چيو آھي تھ ٻوڏ متاثرن جي محرومين تي سياست ڪرڻ نھ رڳو افسوسناڪ پر انتھائي شرمناڪ رويو آھي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو تھ اسان جو مطالبو صاف ۽ سڌو آھي تھ ٻوڏ متاثرن جي عملي مدد ڪريو نھ ڪي رڳو بيان ڏيو ۽ تصويرون ٺھرايو، ڏکڻ پنجاب جا ماڻھو پنجاب حڪومت کي پُڪاري رھيا آھن تھ اُتان جي حڪومت جون اوليتون فوٽو سيشنز ۽ ڏيکاءُ تائين ئي محدود آھي، خدا جي واسطي ڪيمرائون رکي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پھچو. هن چيو تھ پنجاب ۾ نھ ڪي گھر ٺھي رھيا آھن نھ ئي وري ٻوڏ متاثرن کي سولر پينل ملي رھيا آھن، رڳو ڀاشن ڏنا پيا وڃن، سنڌ سرڪار 21 لک گھر ٺاھي رھي آھي، متاثر ٿيل خاندانن ۾ سولر پينل ورھائي رھي آھي.