شڪارپور ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو، جعفر ايڪسپريس جون 4 بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون، 4 مسافر زخمي

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ سلطان ڪوٽ ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي ۾ جعفر ايڪسپريس جون 4 بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون.
پوليس موجب ريلوي ٽريڪ جي ڌماڪي سان جعفر ايڪسپريس متاثر ٿي ۽ ان جا 4 مسافر زخمي ٿيا، جن کي اسپتال نيو ويو.
ڌماڪي جي نوعيت ڄاڻڻ لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو، جنهن ريلوي ٽريڪ تان شاهديون گڏ ڪيون.
سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايس ايس پي شڪارپور کان تفصيل طلب ڪندي چيو ته فوري طور واقعي جي جاچ شروع ڪري دهشتگردن کي گرفتار ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.