جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس: عمران خان جو طبعيت ناساز ڄاڻائي پيشيءَ کان انڪار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه اڊيالا جيل ۾ 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ باني جو وڪيل فيصل ملڪ پنهنجي ٽيم سان گڏ پيش ٿيو، جڏهن ته اسپيشل پراسيڪيوٽر ظهير شاهه به اتي موجود هو.
عدالت طرفان ٽي ڀيرا عمران خان کي پيش ٿيڻ جو پيغام موڪليو ويو، جنهن تي جيل عملي عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽِ آءِ باني پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته منهنجي طبعيت ٺيڪ ناهي.
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ عمران خان جي حاضري لڳائڻي هئي، جنهن لاءِ پراسيڪيوشن ٽيم ۽ پي ٽي آءِ باني جا وڪيل هڪ ڪلاڪ 40 منٽن تائين انتظار ڪندا رهيا.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٻڌڻي بنا ڪيس جي ڪارروائي 20 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.