اسلام آباد (بيورو+م ڊ)سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن وچ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد جي معاملي تي لفظي جنگ جي خاتمي لاءِ وفاقي حڪومت متحرڪ ٿي وئي آهي،ذريعن موجب، حڪومتي ڪوششن جي سلسلي ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق جي چيمبر ۾ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ جاري پارلياماني بحران ۽ بيان بازي تي ڳالهيون ڪيون ويون۔ملاقات جا تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن، پر وفاقي وزير راڻا ثناالله تصديق ڪئي آهي ته پيپلز پارٽي في الحال پنهنجو احتجاج ۽ واڪ آئوٽ جاري رکندي،هن چيو ته،پيپلز پارٽي پاران وزيراعليٰ پنجاب کان معافي جو ڪو به رسمي مطالبو پيش نه ڪيو ويو آهي،هن ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سومر ڏينهن طئي ٿيل هئي، پر وزيراعظم جي ملائيشيا جي دوري سبب اها ملاقات ممڪن نه ٿي سگهي،هن وڌيڪ چيو ته،وزيراعظم جي اڱاري تي وطن واپسي کان پوءِ پيپلز پارٽي جي تحفظات تي ڳالهيون ٿينديون،معاملو افهام تفهيم سان حل ڪيو ويندو.