وڌندڙ ڀتاخوري سان واپارين ۾ خوف،ڪراچي چيمبر ميمبرن کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر )ڪراچي چييمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (KCCI) طرفان شهر ۾ وڌندڙ ڀتا خوري ۽ دهشت پکيڙيندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي پنهنجي سڀني ميمبرن کي هدايت ڪئي وئيآهي ته هو فوري طور تي اعليٰ معيار جا جديد سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳائن۔ چييمبر جي سيڪريٽري جنرل ايس. ايم. ايچ. رضوي طرفان جاري ڪيل سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي ته تازين ڏينهن ۾ واپارين کي گولين جي خولن سان گڏ ڀتو گهرڻ واريون پرچيون وصول ٿي رهيون آهن، جنهن سبب نه رڳو ڪاروباري برادري پر شهر جو امن ۽ سڪون پڻ متاثر ٿي رهيو آهي۔ سرڪيولر ۾ ميمبرن کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو پنهنجي واپاري مرڪزن ۽ رهائشي جڳهن تي بئڪ اپ اسٽوريج سان گڏ جديد سيڪيورٽي ڪيمرا لڳائن، جيئن ڪنهن به ناخوشگوار واقعي جي صورت ۾ فوٽيج ثبوت طور استعمال ڪري سگهجي ۽ ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهري ۾ آڻي سگهجي۔ ڪراچي چييمبر طرفان واپارين کي يقين ڏياريو ويو آهي ته چييمبر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ويجهي رابطو رکيو آهي ۽ واپارين جي تحفظ لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکيو ويندو۔ چييمبر چيو آهي ته گڏيل چوڪسي، اتحاد ۽ تياريءَ ذريعي هن ڳڻتي جوڳي صورتحال تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.