سرڪاري ملازمن جي پينشن وارو معاملو، سنڌ حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهارين لاءِ سرڪار وٽ پيش پوڻ جي پاليسي، سال 2025 جي ڪڻڪ رليز پاليسي، تيل ڪمپنين کان انفراسٽرڪچر سيز جي اوڳاڙي ٻيهر شروع ڪرڻ، ايل بي او ڊي ملازمن جي ريگولرائيزيشن جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي صوبائي ڪابينا سرڪاري ملازمن جي بينيولنٽ فنڊ جي نوٽيفڪيشن کي مؤخر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۔ سنڌ ايمپلائيز الائنس (SEA) طرفان 3 آڪٽوبر 2025 تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي گهرجن جو چارٽر پيش ڪيو ويو جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سرڪاري ملازمن لاءِ بينيولنٽ فنڊ رڳو وفات يا معذوري بدران ريٽائرمينٽ جي وقت به ڏنو وڃي۔ ڪابينا هن مقصد لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ فنانس، جنرل ايڊمنسٽريشن، ايمپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن، قانون ۽ ڊائريڪٽر بينيولنٽ فنڊ جا سيڪريٽري شامل هوندا،ڪميٽي بينيولنٽ فنڊ جي استعمال جي طريقيڪار تي غور ڪندي ۽ جنرل پروويڊنٽ فنڊ جي طرز تي سفارشون تيار ڪندي، ڪميٽي ملازمن جي حصيداري، ادائگي جي فارمولن، فائدي جي ڍانچي ۽ قانوني ترميمن بابت سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي،ڪابينا اجلاس ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪچي علائقن لاءِ ڏوهارين جي پيش پوڻ پاليسي منظور ڪئي، وڏي وزير گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته پاليسي جي شفاف عملداري کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوامي آگاهي مهم ذريعي سرينڊر کي امن ۽ بحالي جي رستي طور اجاگر ڪيو وڃي۔ ڪابينا مالي نظم ۽ قيمتن ۾ استحڪام لاءِ ڪڻڪ رليز پاليسي 2025–26 جي منظوري ڏني۔ ڪابينا 27 فيبروري 2025 جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو هو ته ننڍن آبادگارن جي مفاد جي تحفظ لاءِ ڪڻڪ فوري طور جاري نه ڪئي وڃي پر محدود ذخيرا، ربيع 2024–25 ۾ گهٽ پيداوار ۽ مارڪيٽ ۾ قيمتن جي واڌ سبب ڪابينا فلور ملن ۽ چڪين لاءِ 12 لک 65 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني۔ ڪڻڪ 100 ڪلوگرام جي ٿيلهي لاءِ 9500 رپين جي اوسط نرخ تي جاري ڪئي ويندي۔ ڪابينا ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي پاران تيل جي درآمد تي سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيز جي وصولي بابت سمري تي غور ڪيو۔ ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 36 تيل ڪمپنيون جن ۾ پاڪستان اسٽيٽ آئل به شامل آهي، هن معاملي ۾ ملوث آهن۔ مجموعي سيز رقم 102.545 ارب رپيا آهي جنهن مان 49.736 ارب رپيا 2022–23 ۽ 52.809 ارب رپيا 2023–26 سان لاڳاپيل آهن۔ نوٽ ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪندي تيل ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پيٽروليم مصنوعات جي ڪلينس لاءِ سيز جي برابر بينڪ گارنٽيون جمع ڪرائن۔ ڪابينا پاڪستان اسٽيٽ آئل ۽ ٻين تيل ڪمپنين جي گارنٽيون واپس وٺڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي عبوري حڪم موجب بينڪ گارنٽيون جمع ڪرائڻ جي منظوري ڏني۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته عدالت جي حڪمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن صوبي جي آمدني جو تحفظ ۽ سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيز ايڪٽ جو مؤثر نفاذ يقيني بڻائي سگهجي۔  ڪابينا ليـفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (LBOD) منصوبي جي 78 ڏھاڙيدار ملازمن جي ريگولرائيزيشن جي منظوري ڏني ڪابينا سنڌ ڀر ۾ عوام لاءِ وفات جي سرٽيفڪيٽ جي رجسٽريشن فيس ختم ڪري ڇڏي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.