ڳائبا ڳيچَ ناهن، ڳائبا ڳُڻَ آهن… پوءِ اهي ذات جا ڳُڻَ هجن، يا پيشاوراڻين خدمتن جا… ادب جي سرشٽيءَ جا پانڌي ته ارزان، پر ڪو ڪو پنهنجي نرالي قلمي ڪرت سبب ٻين کان ممتاز ۽ منفرد ڳڻجي! اڄ سنڌي ساهت جي سِينڌ سنواريندڙ اهڙن ئي ڳاڻ ڳڻين ڪَوِيُن پترڪارن ۽ تحقيقي گمنام ’هيروز‘ منجهان هڪ جا ڳُڻَ ڳائينداسين، جنهن قلمي ڪرت کي پنهنجو شوق نه پر عشق سمجهيو، ۽ تخليقي ڪِلڪَ ۾ پنهنجو رتُ سَتُ اوتي سنڌ جي تخيلاتي اُڀَ تي پنهنجي حصي ۽ رنگَ جي تارن سينگارڻ ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيو.
اصل نالو حق نواز منگي… گهر جو نالو امام بخش… رسمي ظاهري تعليمَ، رڳو انٽر آرٽس… پر اندر ايڏو روشن ۽ غير رسمي طور ايڏو پڙهيل ۽ ڪڙهيل، جو ’پي ايڇ ڊي‘ ڊاڪٽرن جو به استاد ۽ رهنما… برجستو شاعر… مضمون نگار… ڪالم نويس… خاڪا نويس… مرتب… محقق… ’سنڌ جي پئرس‘ شڪارپور جو بي لوث مُوَرخ ۽ ان جي وکريل ورقن کي سهيڙيندڙ… پنهنجيءَ سوچَ ۾ به ناياب… فن ۽ تخليق ۾ به ناياب… ته ان جي اظهار ۾ به… ادبي نالو ’نقش‘… پنهنجي استاد ۽ سنڌيءَ توڙي اردوءَ جي قادرالڪلام شاعرَ، آذر ناياب صديقيءَ جي نسبت سان پنهنجي تخلص سان ”ناياب“ جوڙيائين ۽ سنڌي ساهت جي دنيا ۾ نقش ناياب منگيءَ جي نالي ۽ حوالي سان هڪ شاعرَ، تاريخ نويس، سنڌيڪار، ناشر ۽ مرتب جي طور تي ڄاتو ۽ سُڃاتو ويو.
ورهاڱي کان سالُ پوءِ 7 ڊسمبر 1948ع تي، شڪارپور ۾، عبدالمجيد منگيءَ جي گهر ۾ اک کوليائين. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول هاٿي در شڪارپور مان حاصل ڪري، مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪشمور مان پاس ڪيائين. تنهن بعد گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج سکر مان انٽر آرٽس پاس ڪري آبڪلاڻي کاتي ۾ ملازم ٿيو ۽ سکر، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ تعنيات رهيو. 2008ع ۾ 60 سالن جي ڄمارَ پوري ٿيڻ تي ساڳئي ئي کاتي مان رٽائر ٿيو. 1963ع واري زماني ۾، جڏهن نقشُ 15 سالن جو مَسَ هو ۽ ڪشمور ۾ تعليم پئي پرايائين ته پنهنجي استادَ آذر ”ناياب“ بدايوني صديقيءَ جي رهبريءَ ۾ لکڻ جو آغاز ڪيائين. جنهن منجهس اڳواٽ موجود ڏات کي پروڙي، کيس تحرير جو ڏانءٌ ڏئي، سنڌي، اردوءَ ۽ سرائڪيءَ ۾ لکڻ سيکاريو. ان ئي زماني ۾ اڀرندڙ ليکڪ طور هن جو مواد سنڌ جي هاڪارن رسالن ۾ ڇپجڻ پڻ شروع ٿيو. ٿُلهي ليکي نقش منگي صاحب 1965ع کان وٺي باضابطه پنهنجي قلمي سفر جو آغاز ڪيو.
جتي آذر صديقي، نقشَ جو پهريون ساهتي سونهون بڻيو، اتي ناميارو شاعر ۽ صحافي شعبان بخت پڻ سندس شاعريءَ جو رهبر بڻيو ۽ ان جي صحبت سبب ئي هن ڪشمور ۽ روهڙيءَ ۾ رهائش دؤران صحافتي کيتر ۾ پڻ پنهنجيون خدمتون انجام ڏنيون. ان سان گڏوگڏ شڪارپور جو ناميارو اديب، پبلشر، صحافي ۽ سندس گهاٽو سنگتي، غلام رسول ميمڻ پڻ اشاعت توڙي ادب جي ميدان ۾ سندس استاد بڻيو. نقش سائين، غلام رسول ميمڻ سان سندس ڪتابي سلسلن لاءِ مواد کي سھيڙڻ، پروف ڏسڻ، مختلف اديبن شاعرن سان لکپڙھه ۽ رابطن سميت ٻين اهم ڇپائيءَ جي ڪمن ۾ مُک ٻانهن ٻيليءَ طور ساٿ نڀائيندو رهيو. غلام رسول ميمڻ پنهنجي اشاعتي اداري ”مھراڻ پبليڪيشن“ پاران ڪيئي ڪتابي سلسلا جاري ڪيا، جن ۾ 1980ع ۾ ”اسان جا اديبَ اسان جا شاعر“، تنهن بعد ”سنڌي انسائيڪلوپيڊيا“ ۽ ”معلوماتِ مھراڻ“ کي ادبي حلقن ۾ خاص پذيرائي ملي. هنن ڪتابي سلسلن مان ”اسان جا اديب اسان جا شاعر“ جهڙي مقبول ڪتابي سلسلي جو مرتب نقش ناياب منگي هوندو ھو. هي ڪتابي سلسلو سنڌي غزل جي روايتي دؤرَ جي شاعرن کان وٺي جديد شاعرن تائين جا تعارف ۽ سندن ڪلام جا نمونا شايع ڪرڻ واري اهڙي مقبول ڊائريڪٽري بڻي، جيڪا پنهنجي دؤر جي سنڌي شاعريءَ جي هڪ جامع تاريخ آهي. 1985ع ۾ نقش ناياب جو مرتب ۽ ايڊٽ ڪيل سووينئر (مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو) ”شڪارپور سيمينار“ پڌرو ٿيو. 1988ع ۾ ”شڪارپور ــ صدين کان“ ڪتاب جِي سهيڙَ ۾ معاون طور پنهنجو پورهيو ارپيائين.
هڪ برجستي شاعر طور نقش ناياب منگيءَ وٽ نه رڳو فني پختگيءَ جو اعليٰ معيار ملي ٿو، بلڪه فڪري لحاظ کان به سندس شاعري منفرد خيالن سان ڀرپُور آهي. سندس شعر جي پختگيءَ جي حوالي سان خليل مورياڻي لکي ٿو: ”ھڪ شاعر جي حيثيت ۾ به مون نقش ناياب منگي صاحب کي استاد شاعر محسوس ڪيو. علمِ عروض جي کيس مڪمل ڄاڻ ھئي. اڄ مان محسوس ڪريان ٿو ته سندس وفات کانپوءِ شڪارپور ۾ انهيءَ پائي جو استاد شاعر شل ڪو بچيو ھجي.“ نقش جي ڪلام ۾ سلاست، رواني، برجستگي، بي ساختگي ۽ اظهارَ جي سُونهن جهڙن حسين عنصرن جو سهڻو امتزاج ملي ٿو:
ڀليءَ ڀَت ارادن ۾ آ پختگي
گذاريان ٿو همّتَ ڀرِي زندگي
اڃا ساڻ آ عزم ۽ حوصلو
وفا ۾ اڃا آهه برجستگي
آ پيريءَ ۾ ڀي دل جوان دوستو!
ڪري ”نقش ناياب“ ٿو دل لڳي
جيتوڻيڪ رُومان، نقش جي شاعريءَ جو اهم موضوع رهيو، پر سندس شاعري رڳو ساغر و مينا ۽ گل ۽ بلبل جو داستان نه هئي، بلڪه پنهنجي دؤرَ جي سياسي سماجي شعور سان پڻ ڀرپور آهي. ساڻس سنڌواسي هجڻ جي ڪري جيڪي ويساهه گهاتيون ٿين ٿيون، انهن تي به سندس اکيون کليل آهن ۽ هُو انهن کان به غافل ناهي. چوي ٿو:
شيخ سعديءَ جو گلستان مائلِ فرياد ٿيو
پِير روميءَ جي مقدس مثنوي خطري ۾ آ
شاهه، سامي ۽ سچل سان مان رکان ٿو واسطو
مُلڪَ منهنجي ۾ اُها وابستگي خطري ۾ آ
ڪلام تي قدرت رکندڙ هڪ پختي شاعر سان گڏوگڏ نقش، هڪ عمدو مترجم به هو. وٽس مختلف ٻولين ۾ شڪارپور تي لکيل ڪتابن جي وڏي ’ڪليڪشن‘ موجود هئي، جن منجهان ”ايف جي گولڊسمٿ“ جي شڪارپور بابت لکيل ساروڻين جي ڪتاب ”موموئايرس آف شڪارپور“ جو ناياب پاران ڪيل سنڌي ترجمو سندس ترجمي نگاريءَ جي فنَ جو شاهڪار مثال آهي، جيڪو کيس هڪ اعليٰ پايي جو مترجم ثابت ڪري ٿو. نقشُ، شڪارپور جو حقيقي عاشق هو ۽ ان جي تاريخ کي سهيڙڻ سندس قلمي جنون هو. ان ئي عشقَ کيس سندس جنم ڀوميءَ جي ٻين ڪجهه پريمين سان گڏجي ”شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ جو پايو وجهڻ تي مجبور ڪيو، جنهن پليٽ فارم تان نه رڳو پنهنجي آخري دم تائين شهر جي تاريخَ بابت متعدد ڪتاب سهيڙي شايع ڪرايا ويا، بلڪه شڪارپور جي تاريخ تي يادگار سيمينار ۽ ميڙاڪا پڻ منعقد ڪرايا ويا. ’شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ‘ سان گڏ هُو ’مهراڻ پبليڪيشن‘ ۽ ’سنڌي ليکڪ يادگار ڪميٽيءَ‘ جو پڻ باني هو ۽ ’ڪتاب محل پبليڪيشن‘ شڪارپور جي باني ميمبرن منجهان هو. شڪارپور جِي تاريخ سان نقشَ جي بيحد دلچسپيءَ جو دليل اها ڳالهه به آهي ته سندس شايع ٿيل 5 ڪتابن منجهان 4 ڪتابَ رڳو شڪارپور جي تاريخ بابت آهن.
ڪنهن به ليکڪ جو اصل اولاد ته ان جون تصنيفون هونديون آهن، جيڪي کيس هميشه زندهه رکنديون آهن، پر نيڪ ۽ صالح اولاد به انسان جي نيڪ مِشَن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. 1977ع ۾ نقش ناياب منگيءَ جو وهانءُ ٿيو ۽ کيس ٽن پٽن ــ حفيظ الرحمان، انيس الرحمان ۽ حسيب الرحمان سميت هڪ نياڻيءَ جو اولاد نصيب ٿيو. حسيب ناياب منگي، نقش صاحب جِي ذات سان گڏوگڏ سندس ڏات جو به وارث آهي، جيڪو سندس قلمي ڪرت کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. مَنجهس نقش صاحب واري ڏات سان گڏوگڏ شڪارپور جي تاريخ جي سهيڙ وارو عشق به جيئن جو تيئن منتقل ٿيو آهي ۽ هُو نه رڳو شڪارپور جي تاريخ جي انهن پهلوئن تي پاڻ تحقيق ۾ مشغول آهي، جن تي ناهي لکيو ويو، بلڪه شڪارپور جي تاريخ جي سهيڙ ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
پنهنجي تخليقي سگهه جي لحاظ کان ايڏو ڀرپور ۽ سگهارو قلمڪار، پنهنجي شخصيت، لباس توڙي سڀاءَ ۾ بيحد سادو، سدورو، ماٺيڻو، باوقار ۽ شفيق هو. عملي ڳوڙهائيءَ باوجود پنهنجي ڄاڻ جو ڪنهن مٿان رعب ڄمائڻ يا پنهنجي علمي فضيلت هروڀرو ڪنهن مٿان مڙهڻ جو کيس بنهه شوق نه هو ۽ هر محفل ۾ پنهنجي تڪيل توريل ڳالهه دليلن سان ڪرڻ سندس عادت هئي. پنهنجي ذاتي توڙي ادبي حلقي ۾ هڪ وضعدار ۽ سنجيده شخصيت طور بيحد احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندڙ، شهرت جي بُکَ ۽ پنهنجي پذيرائي پاڻ ڪرڻ / ڪرائڻ جي ڪرت کان ڪوهين ڏور هي فقير منش، محنتي ۽ تخليقي اديب، سنڌي ساهت توڙي تاريخ تي پنهنجا ناياب نقشَ ڇڏي، 14 سال اڳ، 62 سالن 10 مهينن جي عمر ۾، 7 آڪٽوبر 2011ع تي اسان کان موڪلائي ويو. اڄ اسان سندس 14هين ورسيءَ جي موقعي تي کيس عقيت ۽ محبت منجهان ياد ڪريون ٿا.