پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڪرڪيٽر ڪير آهي؟ اِهو بحث سالن کان هلندڙ آهي ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي زور پڪڙي رهيو آهي.
اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان وسيم اڪرم ان معاملي تي پنهنجو رايو پيش ڪندي چيو آهي ته ”پاڪستان جو سڀ کان بهترين ڪرڪيٽر عمران خان آهي ۽ مهرباني ڪري اِهو بحث ختم ڪيو وڃي.“
عمران خان جي ڪيريئر جي هڪ نطر
عمران خان آل رائونڊر طور 1971ع ۾ پاڪستان لاءِ ڊيبيو ڪيو، هن 88 ٽيسٽ ميچن ۾ 362 وڪيٽون ورتيون ۽ 3807 رنسون ٺاهيون. ون ڊي ۾ 175 ميچن ۾ 182 وڪيٽون ۽ 151 اننگز ۾ 3709 رنسون اسڪور ڪيون جنهن ۾ هڪ سينچري ۽ 19 ففٽيون پڻ شامل آهن، سندس قيادت ۾ پاڪستان 1992 ع وارو عالمي ڪپ کٽڻ ۾ ڪامياب رهيو.
جاويد ميانداد
جاويد ميانداد 124 ٽيسٽ ميچن ۾ 23 سينچريون ۽ 43 ففٽيون اسڪور ڪيون، 8832 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته 233 ون ڊي ميچن ۾ 8 سينچرين جي مدد سندس رنسن جو انگ 7381 آهي.
وسيم اڪرم
وسيم اڪرم 104 ٽيسٽ ميچن ۾ 414 وڪيٽون ۽ 356 ون ڊي ميچن ۾ 502 شڪار ڪيا، ٽيسٽ ميچن ۾ هن 2898 ۽ ون ڊي ميچن ۾ 3714 رنسون پڻ ٺاهيون.
ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي وسيم اڪرم کانپوءِ بهترين فاسٽ بالر نه مليو، پر ڪپتان طورعمران خان بهترين هو، جڏهن ته ڪجهه ڪرڪيٽ شوقينن جو خيال آهي ته جاويد ميانداد يا وسيم اڪرم به پنهنجي وقت ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري چڪا آهن.
عبدالرحمان نالي واهپيدار لکيو ته ” وسيم اڪرم ڄاڻي واڻي پنهنجو نالو نه پيو لکي، هو عظيم ڪرڪيٽر آهي ۽ هو اِهو ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو.“
مرتضيٰ زيدي موجب،” هي هڪ هاڪاري بحث آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته جاويد ميانداد پاڪستان جو سڀ کان بهترين ڪرڪيٽر هو.“
تبريز نالي واهپيدار چيو ته ” جيڪي ماڻهو وسيم اڪرم جي ان ڳالهه سان اختلاف ڪري رهيا آهن ته هو عمران خان سان ساڙ ڪري ٿو، وسيم اڪرم اِهو بحث هميشه هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو آهي.“
شهزاد غياث لکيو ته ” جيڪڏهن ڪرڪيٽ صلاحيتن جي ڳالهه ڪجي ته وسيم اڪرم سڀ کان وڏو رانديگر هو، باقي سڀ کان وڏو اسٽار ته شاهد آفريديءَ ئي هو.“
هڪ پاسي جتي عمران خان، جاويد ميانداد، وسيم اڪرم ۽ يونس خان جي نالن تي بحث جاري آهي اتي ڪجهه واهپيدارن انضمام الحق ۽ بابر اعظم کي به پاڪستان جي بهترين رانديگرن ۾ شامل ڪري رهيا آهن.
رضا علي قادري چيو ته ” جيڪڏهن آل فارميٽ جي ڳالهه ڪجي ته بابر اعظم سڀ کان مٿانهين پد تي موجود آهي، جڏهن ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ انضمام الحق ڪو مٽ ناهي.
راگا نالي واهپيدار وسيم اڪرم ٽوئيٽ جي حمايت ڪندي چيو ته “ جيڪڏهن دنيا جي بهترين فاسٽ بالر عمران خان کي پاڪستان جو بهترين ڪرڪيٽرقرار ڏيجي ته ان کي قبولڻ ۾ ڪو شڪ نه هئڻ گهرجي.“
واضح رهي ته عمران خان اٽڪل ٻن ورهين کان جيل ۾ آهي ۽ هو پنج آڪٽبر تي 73 هين سالن جو ٿي ويو آهي.
عمران خان ڪپتان طور 1992ع واري ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي هئي، جڏهن ته 1996ع ۾ هن پنهنجي سياسي پارٽي پاڪستان تحريڪِ انصاف ٺاهي هئي.