ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ(بي سي سي آءِ) تازو آسٽريليا جي دوري لاءِ روهت شرما جي جاءِ تي شُڀمَن گِل کي ون ڊي ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر ڪيو آهي، ڀارتي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ڪندڙ گِل هاڻي ون ڊي ٽيم جي ڪمان به سنڀاليندو.
ٻئي پاسي روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي فٽنيس ٽيسٽ ڪاميابيءَ سان پاس ڪرڻ کانپوءِ ڀارتي ون ڊي اسڪواڊ جو حصو بڻيا آهن، تنهنڪري هاڻي آسٽريليا خلاف سيريز ۾ روهت ۽ ويرات نوجوان ڪپتان شُڀمَن گِل جي قيادت هيٺ کيڏندا نظر ايندا.
ان حوالي سان ڀارتي ٽيم جي چيف سليڪٽر اجيت آگرڪر چيو ته ”رٿابندي جي لحاظ کان ٽنهي فارميٽن لاءِ ٽن مختلف ڪپتانن جو هئڻ عملي طور ناممڪن آهي، تنهنڪري منصوبي کي اڳتي وڌائڻ ضروري آهي.“
هن چيو ته في الحال اسان جو ڌيان ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ تي آهي، ان سان گڏوگڏ ون ڊي ورلڊڪپ لاءِ تياري به شروع ڪئي ويندي ته جيئن ايندڙ ڪپتان کي وقت ملي سگهي.“
روهت کي ون ڊي ٽيم ڪپتاني تان هٽائڻ بابت سوال تي اجيت آگرڪر چيو ته روهت شرما جي قيادت ۾ ڀارت چيمپيئنز ٽرافي کٽي، انڪري اِهو فيصلو يقينن ڏکيو هو، پر جيڪڏهن ڀارت ٽرافي نه به کٽي ها تڏهن به اِهو هڪ مشڪل فيصلو ئي هجي ها.
اجيت آگرڪر جو چوڻ هو ته اسان کي اِهو ڏسڻو آهي ته ٽيم لاءِ ڇا بهتر آهي؟ هڪ نئين ڪپتان کي وڌيڪ وقت ڏيڻ لاءِ ڪجهه فيصلا اڳواٽ ڪرڻا پوندا آهن.
روهت کي ڪپتاني تان هٽائڻ واري فيصلي بابت آگاهه ڪيو هو يا نه واري سوال تي آگرڪر چيو ته اهو هن جي ۽ روهت جي وچ ۾ معاملو آهي، کيس ان فيصلي بابت آگاهه ڪيو ويو هو.“
چيف سليڪٽر اها به تصديق ڪئي ته شُڀمَن گِل ۽ روهت شرما ون ڊي ميچن ۾ اوپننگ جاري رکندا.
هوڏانهن ڀارتي اخبار ٽائيمز آف انڊيا رپورٽ موجب، بي سي سي آءِ جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سليڪٽرز ۽ ٽيم مئنيجمينٽ کي اهو خدشو هو ته جيڪڏهن روهت شرما ڪپتاني جاري رکي ته هو پنهنجي ”فلسفياڻي قيادت“ موجب ٽيم کي هلائيندو، جنهن سبب ٽيم جو ڪلچر متاثر ٿي سگهي ٿو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته روهت جهڙو تجربيڪار ڪرڪيٽر جڏهن ڪپتان هوندو آهي ته هو پنهنجي سوچ موجب ڊريسنگ روم کي هلائيندو آهي، جنهن سان ٽيم جي اندروني هم آهنگي بگڙڻ جو خدشو پيدا ٿيندو آهي.
You might also like