ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن سون هزارين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن سون جي اگهه ۾ واڌ ڏٺي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 5400 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 4 لک 15 هزار 278 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 4629 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 56 هزار 33 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 54 ڊالر واڌ سان 3940 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.