ڀارت ٻيهر ڪا حرڪت ڪئي ته اڳ کان وڌيڪ ذليل ٿيندو: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت اڳرائي کانپوءِ سڄي دنيا ۾ ذليل ٿيو، ٻيهر اهڙي حرڪت ڪيائين ته وڌيڪ ذليل ٿيندو.
پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڀارت ڪا به منصوبابندي ڪئي ته اسان کي اڳ جيان ڪاميابي ملندي.
هن چيو ته غزا جي مسلمانن جون قربانيون رنگ لائينديون، امن منصوبي سبب غزا ۾ روشني جو ڪرڻو نظر آيو آهي، اڃا حتمي صورتحال سامهون ايندي، اڃا ڪجهه شيون فائنل ٿيڻيون آهن.
سندس چوڻ هو ته اها دنيا جي ذميواري آهي ته فلسطينين جي حقن لاءِ ڳالهائي ۽ انهن جو ساٿ ڏئي، فلسطين لاءِ سڄي دنيا جا ماڻهو نڪتا آهن، جيڪا ان ڳالهه جي شاهدي آهي ته آزاد فلسطين رياست قائم ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.