ڪرڪيٽ ڊپلوميسي بدران پروپئگينڊا جو ڪارڻ بڻي، پاڪ-ڀارت ميچون نه ٿيڻ گهرجن: اڳوڻو انگلش ڪپتان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل ايٿرٽن آءِ سي سي کي ميگا ايونٽن دوران پاڪ-ڀارت ميچون نه رکڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.
ايشيا ڪپ دوران پيدا ٿيل صورتحال کانپوءِ تجويز ڏيندي مائيڪل ايٿرٽن چيو آهي ته آءِ سي سي ايونٽن ۾ پاڪ ڀارت ميچون نه هئڻ گهرجن.
هن چيو ته آءِ سي سي ايونٽن ۾ پاڪ-ڀارت مقابلن جو ڪارڻ معاشي ۽ سفارتي ٿي سگهي ٿو، وقت اچي ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ماٺار سبب اِهو تاثر ختم ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته آءِ سي سي ٽورنامينٽس ۾ ان مقابلي جو مالي طور وڏو اثر آهي، هن مقابلي جي ڪري ئي شايد هڪ ڪاٿي موجب موجودا سرڪل ۾ نشرياتي حق 3 ارب ڊالرز جا رهيا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مقابلو بارڊر ٽينشن لاءِ پراڪسي بڻجي ويو آهي.
مائيڪل ايٿرٽن چيو ته پهريان ڪرڪيٽ کي ڊپلوميٽڪ رابطن جي ذريعي طور ڄاتو ويندو هو پر هاڻي اِها واضح طور تي تڪرار ۽ پروپئگينڊا لاءِ پراڪسي بڻجي وئي آهي، ٻنهي ٽيمن جون ميگا ايونٽ ۾ ميچون رکڻ نهايت ننڍو جواز آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اِهو جواز هميشه مالي طور بيان ڪيو ويو، ايندڙ سرڪل ۾ ڊراز شفاف ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن ٻنهي ٽيمن جو مقابلو نٿو ٿئي ته پوءِ ائين ئي ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.