ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جاري ڪرڻ واري پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ پاليسي تحت اٽي جي اگهه ۾ استحڪام رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب صوبائي ڪابينا ڪڻڪ جاري ڪرڻ واري پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جو مقصد اٽي جي اگهه ۾ استحڪام رکڻ آهي.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ننڍن هارين جي مفادن جي تحفظ کانپوءِ هاڻ ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 1.265 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ فلور ملن ۽ چڪين کي جاري ڪئي ويندي.
اختيارين بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڪڻڪ جي 100 ڪلو ٻوري 9500 رپين ۾ فراهم ڪئي ويندي.
اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته عوام کي سڌي ريت فائدو پهچايو وڃي، ذخيري اندوزي جي اجازت نه هوندي.
You might also like