مريم جي بيانن حڪومتي اتحاد ۾ ڏار وجهي ڇڏيا، پ پ جو هڪ ڀيرو ٻيهر سينيٽ مان واڪ آئوٽ، معافي جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بيانن تي پيپلز پارٽي سينيٽ مان واڪ آئوٽ ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر معافي گهرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سينيٽ اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر شيري رحمان چيو ته اسان جي حمايت کي مجبوري نه سمجهو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو کي چيو پيو وڃي ته هو ڇا ڪري رهيا آهن؟ اسان ماڻهن جي تذليل ڪري اتحاد نٿا هلائي سگهون، معافي گهرڻ سان ڪنهن جي عزت گهٽ نٿي ٿئي، ڪو به صوبو ڪنهن جي جاگير ناهي، صوبائي ڪارڊ نه کيڏو.
شيري رحمان چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) غريبن تائين امداد پهچائڻ لاءِ عالمي سطح تي تسليم ٿيل منصوبو آهي، ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ کان پوءِ حالتون انتهائي خراب آهن.
شيري رحمان چيو ته پيپلز پارٽي کي شديد خدشا آهن، وفاق کي استحڪام جي ضرورت آهي، اسان چاهيون ٿا ته بي سهارا ماڻهو وڌيڪ تڪليف جو شڪار نه ٿين، ماڻهن جي تذليل سان اتحاد نٿو هلي، معافي گهرڻ سان عزت وڌي ٿي، گهٽ نٿي ٿئي، مان اهڙي تذليل جوڳي ڳالهه نه ڪنديس جهڙي ته ”پنڻ بند ڪريو“.
شيري رحمان چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن، ملڪ تي 80 کرب رپين جو قرض آهي، اوهان چئو ٿا ته اسان امداد نه گهرنداسين، جڏهن ته ٻوڏ سبب ماڻهو متاثر آهن، ڏکڻ پنجاب جو حال ڏسو.
ان موقعي تي قانون واري وفاقي اعظم نذير تارڙ پيپلز پارٽي کي پرچائن جي ڪوشش ڪندي چيو ته اپوزيشن خوش نه ٿئي، دوست ناراض آهن، جلد واپس اچي ويندا.
اعظم نذير تارڙ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته مون کي افسوس آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي ها، پاڻي جي ورهاست معاهدي موجب ٿيندي.
شيري رحمان سلجهيل انداز ۾ ڳالهه ڪئي ۽ پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا. صدر به ان معاملي تي ڳالهه ڪئي آهي، اپوزيشن کي گهڻي خوش ٿيڻ جي ضرورت ناهي، جمهوريت ۾ احتجاج جو حق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.