تهران (ويب ڊيسڪ) ايران اهو اشارو ڏنو آهي ته هو غزا ۾ امن لاءِ آمريڪي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز ڪيل منصوبي جي حمايت ڪندو.
واضح رهي ته ايران ڪيترن سالن تائين حماس کي مالي سهائتا فراهم ڪندو رهيو آهي.
ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته تهران هر اهڙي منصوبي جي حمايت ڪري ٿو جنهن سان ”غزا ۾ جاني نقصان روڪي سگهجي.“
ان سان گڏوگڏ ترجمان خبردار ڪيو ته ان منصوبي جا ڪجهه حصا خطرناڪ پڻ آهن.
سندس چوڻ هو ته منصوبي بابت آخري فيصلو فلسطيني عوام کي پاڻ ڪرڻو پوندو.
Prev Post
مريم جي بيانن حڪومتي اتحاد ۾ ڏار وجهي ڇڏيا، پ پ جو هڪ ڀيرو ٻيهر سينيٽ مان واڪ آئوٽ، معافي جو مطالبو
Next Post
You might also like