تل ابيب (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ يرغمالين جي واپسي لاءِ مهم هلائيندڙ هڪ گروهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبيل امن انعام ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
گروهه جو چوڻ آهي ته ٽرمپ ”عالمي امن لاءِ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.“
هن گروهه ناروي جي نوبيل ڪميٽي کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته ٽرمپ غزا ۾ جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ هڪ منصوبو پيش ڪيو آهي، ”مهينن کانپوءِ پهريون ڀيرو اميد پيدا ٿي آهي ته اسان جو ڀوائتو خواب نيٺ ختم ٿي ويندو.“
واضح رهي ته غزا ۾ 48 مغوي موجود آهن، جن مان 20 بابت چيو وڃي ٿو ته هو زندهه آهن.
ٽرمپ جي منصوبي تحت اسرائيلي يرغمالين کي سوين فلسطيني قيدين جي بدلي آزاد ڪيو ويندو.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ”گذريل سال ۾ دنيا ۾ امن لاءِ ڪنهن به اڳواڻ يا تنظيم صدر ٽرمپ جيترو سهڪار ناهي ڪيو.“
ياد رهي ته نوبيل امن انعام جو اعلان ايندڙ جمعي تي ڪيو ويندو.
You might also like