ٻڌڻي دوران وڪيل ڀارتي چيف جسٽس کي جوتو وهائي ڪڍيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف انڊيا ۾ ٻڌڻي دوران وڪيل ڀارتي چيف جسٽس بي آر گوائي کي جوتو وهائي ڪڍيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سومر تي چيف جسٽس بي آر گوائي ڏينهن جو پهريون ڪيس ٻڌڻ شروع مَس ڪيو ته اوچتو 71 ورهين جي وڪيل نعريبازي شروع ڪئي ۽ چيف جسٽس کي جوتو وهائي ڪڍيو، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي اهلڪارن فوري طور ڪارروائي ڪندي جوابدار کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
پوليس موجب جوابدار وڪيل جي سڃاڻپ راڪيش ڪشور جي نالي سان ٿي آهي، هو سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو رجسٽرڊ رڪن آهي.
شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي ته وڪيل چيف جسٽس جي تازي ريمارڪس تي ڪاوڙيل هو، جيڪي مڌيا پرديش جي کاجوراهو مندر بابت هڪ ٻڌڻي دوران ڏنا ويا هئا.
چيف جسٽس ان واقعي تي ڪو ردعمل نه ڏنو ۽ وڪيلن کي ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.