سنڌ-پنجاب حڪومتي تڪرار: صدر سرگرم، گهرو وزير ڪراچي طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن وچ واري تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو ۽ مسئلي جي حل لاءِ گهرو وزير محسن نقوي کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو.
ايوانِ صدر جي ذريعن موجب، صدر آصف علي زرداري گهرو وزير محسن نقوي کي فون ڪري سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري محسن نقوي کي ترت ڪراچي طلب ڪري ورتو آهي ته جيئن ٻنهي صوبي جي حڪومتن وچ موجود تڪرار کي گهٽائي سگهجي.
واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پنجاب ۽ سنڌ حڪومتن وچ هڪ ٻئي تي لفظي گولا باري جاري آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بيان تي پيپلز پارٽيءَ سخت خدشا ظاهر ڪيا ۽ قومي اسيمبليءَ مان واڪ آئوٽ ڪندي کائنس بيان تي معافي جو مطالبو ڪيو.
ٻئي پاسي مريم نواز جو چوڻ آهي ته ”جيڪڏهن ڪو به پنجاب جي خلاف ڳالهائيندو ته وزيراعليٰ طور مان ان کي جواب ضرور ڏينديس ۽ صوبي جي عوام جو تحفظ ڪنديس، ڪنهن کان معافي نه گهرنديس.“
هوڏانهن سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير شرجيل ميمڻ پنجاب جي اطلاعاتِ واري وزير عظميٰ بخاري کي مناظري جو چئلينج ڏنو، جيڪو عظميٰ بخاري قبول ڪندي چيو ته توهان سنڌ ۾ پنهنجي 17 سالن واري حڪومت دوران 17 منصوبا ڳڻايو.
عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته”لاهور اچو مان توهان کي شهر جو سير ڪرائينديس، اچو مان توهان کي بهالپور، ملتان، لوڌران، رحيم يار خان، ڊي جي خان ڏيکارينديس، توهان مون کي ڪشمور وٺي هلو، نوابشاهه، ڳڙهي خدا بخش ۾ ڏيکاريو ته توهان اتي ڇا ڪيو آهي؟“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.