اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان جي بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته ڀارت جي ٻيهر پاڪستان تي حملي جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ۽ پاڪستان کي ان حوالي سان تمام گهڻو هوشيار رهڻو پوندو. خانگي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي، خواجا آصف ڀارت جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي تازن بيانن بابت چيو ته ان جو سبب ڀارت جي اندروني سياست آهي ۽ مودي حڪومت تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي. خواجه آصف، مئي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ چئن ڏينهن جي ڇڪتاڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته ڀارت ۾، سوشل ميڊيا کان پارليامينٽ تائين، حڪومت تي تنقيد ٿي آهي ۽ چونڊون پري نه آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته، ٻيو سبب اهو آهي ته ڀارت نه رڳو خطي ۾ پر عالمي سطح تي به اڪيلو ٿي رهيو آهي. ان جو سبب پاڪستان سان جنگ آهي، پر ان کان پوءِ، خطي ۾ پاڪستان جو ڪردار وڌيو آهي ۽ اسان کي مختلف ملڪن ۽ پليٽ فارمن تي مقبوليت ملي رهي آهي. خواجا آصف چيو ته، اسان ڀارت جي ٻيهر پاڪستان تي حملي جي امڪان کي رد نٿا ڪري سگهون، اسان کي تمام گهڻو هوشيار رهڻو پوندو. اسان احتياط جي حد کي ڇڏي نٿا سگهون ڇاڪاڻ ته ڀارت تمام گهڻي مايوسي واري حالت ۾ آهن. خواجا آصف چيو ته پاڪستاني فوج جي صلاحيت ثابت ٿي چڪي آهي ۽ ڪجهه به ڪرڻ کان اڳ، ضرور سوچيندو ته ڪٿي وڌيڪ نقصان نه کڻي ويهون. زخمي جانور کان ڪابه اميد ڪري سگهجي ٿي، کڻي اهو انسان هجي يا حيوان. خواجا آصف چيو ته ڀارتي قيادت ملڪ ۾ اندروني طور تي پنهنجي ساک بحال ڪرڻ لاءِ اهڙا غير ذميواراڻا بيان ڏئي رهي آهي، ۽ اهو انهن جي مايوسي کي ظاهر ڪري ٿو. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا بيان ۾ هن چيو ته پاڪستاني هوائي فوج ڀارت جا 6 جهاز ڪيرايا، جن ۾ رافيل جهاز به شامل هئا، ۽ ڀارت کي 0-6 جي شڪست ملي. خواجا آصف خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت ٻيهر اهڙي ڪوشش ڪندو ته هن ڀيري نتيجو گذريل ڀيري کان به وڌيڪ ڀيانڪ هوندو. هن دعويٰ ڪئي ته ڀارت جي شڪست کان پوءِ عوامي راءِ مودي حڪومت خلاف ٿي وئي، ۽ موجوده بيانن مان ظاهر آهي ته ڀارتي قيادت دٻاءُ هيٺ آهي. وفاقي وزير چيو ته ڀارت هن ڀيري پنهنجي ئي جهازن جي ملبي هيٺ دفن ٿي ويندو.